ڪڻڪ جا داڻا

ڪڻڪ جا داڻا

ان

اَن: ڪنهن به ملڪ جي زرعي پيدوار، جيڪا اناج جي صورت ۾ هجي، ۽ اُهو رِڌي کائجي. جيئن چانور، ڪڻڪ، جوئر، ٻاجهر، جَوَ، مڪائي وغيره. قديم زماني ۾ اهي سڀ جنسون گاهه ۾ شامل هيون، جن کي پوءِ انسان ذات پنهنجيءَ حڪمت سان، سٺيءَ زمين ۾ سلا هڻي، انهن جي پوک کي ارتقائي صورت تي رسايو. ان کان پوءِ اناج ذريعي پوک ٿيڻ لڳي. اَنَ کي ”اناج“ به چوندا آهن. اَن کي برڪت جي علامت سمجهي ان کي ”نور“ به سڏيندا آهن. ”ان ڀٽاري“ طور قسم به کڻبو آهي. سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته ”اَنُ آهي ته ايمان آهي.“


لفظ انھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو