دهلاري

دهلاري

دهلاري

دهلاري (Northern Shovellar): هي اصل ۾ ڳرڻي پکيءَ جو قسم آهي، جيڪو بدڪ جي نسل جو آهي. هن جي ڳچي مٿي سوڌي نيرڳيءَ جهڙي نيراڻ مائل موڱي ٿيندي آهي. ان جي ڇاتي ۽ پيٽ ڳاڙهسرو ۽ مٿو ٿلهو ٿئي ٿو. هن پکيءَ جي چهنب جيتوڻيڪ بدڪ جي چهنب جهڙي ٿيندي آهي، پر پتري، وڏي ۽ بيدولي رنگ جي ڪارسري ٿيندي آهي. رات جو جڏهن ٻيا پکي ماٺ ۾ هوندا آهن ته دهلاري پکي رکي رکي ڳائيندو ۽ آواز ڪندو آهي. هي پکي اڏامڻ دوران کنڀن مان دهل جهڙو آواز ڪڍي ٿو، جنهنڪري سندس نالو ’دهلاري‘ ۽ ’لنگهو‘ رکيو ويو آهي. هي پکي 50 سينٽي ميٽر ڊيگهه جو ٿئي ٿو. نر مادي الڳ الڳ رنگ رکن ٿا. نر جي چهنب ڪاري ۽ ماديءَ جي نارنگي ٿئي ٿي. نر جي ڳچي نيراڻ مائل موڱي يا سائي رنگ جي ٿئي، جڏهن ته هن پکيءَ جي ڪيپراٽي وٽ ڪَنَ پچڙيون ڪاريون، کنڀڙاٽي جي جوڙ وٽ ڊگها کنڀ ۽ هيٺئين بت تي کنڀ سفيد ڪارسرا ٿيندا آهن. ماديءَ جا کنڀ چٽڪمرا، چهنب بيڊولي ويڪري، رنگ جي ڪاري پر چهنب جا ڪنارا نارنگي ٿين ٿا. نيرڳ جي مقابلي ۾ هي پکي پَر تيز نموني ڦڙڪائي ٿو. اڏامڻ وقت هن جو اڳيون حصو ڊگهو ۽ پڇ ننڍو نظر ايندو آهي. هن جي پرن تي اڇا اڇا داڳ ٿين ٿا. هن جي چهنب ترڻ مهل جيڏانهن هوڏانهن هيڏانهن، غذا ميڙيندو ويندو آهي.
هن پکيءَ جي غذا ۾ آبي جيوت يعني گاهه پٺو، ننڍيون مڇيون، سانپا، جيت جڻيا وغيره آهن. هي پکي ڏکڻ يورپ مان وچ آگسٽ ڌاري ڪشمير ۽ بلوچستان کان ٿيندو سنڌ ۾ ايندو آهي. سيپٽمبر ڌاري دهلاري پکي چڱي تعداد ۾ ڪينجهر تي ڏسڻ ۾ ايندا آهن، پوءِ آڪٽوبر جي شروعات ۾ منڇر طرف رخ ڪندا آهن، جو ان وقت منڇر جي موسم ڪنهن حد تائين معتدل هوندي آهي. هاڻي هي پکي سنڌ ۾ تمام گهٽ ايندو آهي. چهنب جي فرق کان سواءِ هن پکيءَ جي ٻي ڪا سڃاڻپ نه آهي، جيڪا هن کي ڳرڻي پکيءَ کان جدا ڪري. مختلف ڪتابن ۾ هن پکيءَ جو ذڪر ڳرڻي پکيءَ سان ڪيل آهي.


لفظ دهلاريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو