ڏونڪا

ڏونڪا

ڏونڪا

ڏونڪا: هي سنڌ جو هڪ سادو ۽ قديم ساز آهي. ڏونڪا اصل ۾ ڪاٺ جون فوٽ سوا فٽ ڊگهيون گول سنهيون ڪاٺيون ٿين ٿا، جن جي هڪ سري تي پنج يا ست گهنگهرو ٻڌل ٿيندا آهن. شادي مراديءَ ۾ مرد مٿي تي پاڻيءَ سان ڀريل دلو کڻي ۽ هٿن ۾ ڏونڪا (جن کي ڏاڪا به چون) جهلي نچندا آهن. ڏانڊيا يا ڏونڪا ناچ ۾ پنج ست عورتون يا مرد گول ٺاهي، پاسي واري ساٿيءَ جي ڏونڪن سان پنهنجا ڏونڪا ٽڪرائيندا آهن. دهلاري وچ تي بيٺل هوندا آهن. هي ڏونڪن جو ناچ خاص طور اتر، ٿر ۽ گجرات ۾ گهڻو ٿئي. ڏونڪا پهريائين آهستي پوءِ تيز لئي ۾ تيز تيز هڻندا آهن ته چڱو مزيدار ماحول ٿي پوندو آهي. ڏونڪن جو ناچ/ ڏانڊيا ناچ، سنڌ ۽ پاڪستان جي ڪن حصن ۾ عام آهي.


لفظ ڏونڪاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو