ڍورُو

ڍورُو (ساز): هي ساز ڊمري کان ڪجهه وڏو ٿئي ٿو ۽ آواز به تکو آهي. هن جي ڪشن جي مٿان سوڙهي حصي وٽ ڪپڙي جي پٽي يا بند ٻڌبو آهي، جنهن جي ڇڪ يا ڍر سان ساز ملائبو آهي. ڪپڙي جي پٽي ڀرت يا ٽئونرن سان سينگار ٿيندي آهي. ڏونڪو به رنگين ٿئي ٿو. ڍوري جو ٻيو قسم ڊمري سان لاڳاپيل ٿئي ٿو. ضرب لاءِ ڪپڙي جون لُسريون يا سخت پڙيون استعمال ڪبيون آهن. ڍورو گهڻو ڪري ٽوڻائي ڦيڻائي ۽ جهاڙ وجهندڙ استعمال ڪندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو