ٺيڪو2

ٺيڪو2: ڌُڪڙ يا پڪواز جي تار ۾ گَتي جي پڪائي. پڪواز ۾ ماترائن جو جوڙ، جنهن کي ”ٺيڪو“ چوندا آهن. هرهڪ تال ۾، جدا جدا ماترائن جا ٺيڪا ٿيندا آهن. ڪي 16 ماترائن جا ته ڪي 14 ماترائن جا، ڪي 6 ماترائن جا ته وري ڪي 12 ماترائن جا. مثال طور: ’تين تال‘ جي ٺيڪي ۾ 16 ماترائون ٿينديون آهن: ڌِا- ڌِن- ڌِن - نا؛ ڌا- ڌِن- ڌين- ڌين- نا؛ تا- تِن- تِن- نا؛ ڌا- ڌن – ڌِن- نا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو