جلترنگ

جلترنگ (ساز ):22 چينيءَ جا پيالا، جيڪي ترتيبوار ننڍا وڏا ٿين ٿا،تن کي ضرورت آهر پاڻيءَ سان ڀري وڄائبو آهي. چينيءَ جي پيالن کان اڳ ۾ ڪنجهي، ٽامي يا پتل جا پيالا ڪم آڻبا هئا، هڪڙا مندر استان وارا پيالا (جيڪي هيٺيان سُر ڏين) ڪجهه وڏا ٿيندا آهن ۽ ٻيا تال استان وارا (پيالا جيڪي مٿيان سر ڏين) ترتيب سان پيالا ننڍا ٿين ٿا. پيالن کي گول دائري ۾ ڪي قدر ساڄي کان ننڍا کاٻي وڏا رکبا آهن. پيالن ۾ پاڻي وجهي، اڍائي سبتڪن جا سر وٺبا آهن. (12+ 12+ 4) يعني سا- سا- ري- ري- گا- گا- ما- ما- پا- ڌا – ڌا – ني- ني – الخ ٻيو سبتڪ. ان بعد ٻه ڏونڪا کڻي پيالن جي ڪنارن تي ضرب هڻي گهربل سر وٺبو ۽ مسلسل ٻنهي هٿن سان وڄائڻ ڪري هڪ آوازي صورت ٺهندي. هن ۾جلترنگ جي وڄت لاءِ 16 پيالن ۾ پاڻي وجهبو آهي. ڇهن پيالن کي يا ته خالي ڇڏبو يا انهن ۾ ڪجهه ڳريون هلڪيون شيون مثلاً پارو شربت وغيره وجهبو آهي.


هنن پيالن جا سر وٺڻ تمام ڏکيو عمل آهي. هاڻي ته ننڍڙيون پياليون ٽامي، پتل جون نڪري پيون آهن، جيڪي ازخود ڪنهن نه ڪنهن سر تي ٻڌل آهن ۽ وڄائڻ ۾ سوليون آهن، نه ته جلترنگ وڄائڻ محنت ۽ قابليت وارو ڪم هو. هندستان ۾ هن جي وڄائڻ جي ماهر خاتون ڊاڪٽر تري ديوي مسرا مشهور آهي. هي ساز سترهين صديءَ ۾ بال پنڊت، سنگيت پاريجات ۾ متعارف ڪرايو هو.





لفظ جلترنگھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1600.00.00  عيسوي

جلترنگ، هي ساز سترهين صديءَ ۾ بال پنڊت ، سنگيت پاريجات ۾ متعارف ڪرايو هو .



ساز - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سُر بهار
سارنگي
پکاوج
سارندو
باجو
شهنائي
دُهل
تانپورو ڪلاسيڪي ساز
بينجو
بگل
ساز ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون