ڊيٻڪي

ڊيٻڪي

ڊيٻڪي

ڊيٻڪي: مدارين يا بازيگرن جي ننڍي پڪواز يا دهلڙيءَ کي ڊيٻڪي چئبو آهي. هندو مئٿالاجيءَ (ديومالا) موجب شِو ڀڳوان سڀ کان اڳ جيڪو ساز ڏنو، سو ’ڊمرو‘ هو، جنهن کي ’ڊيٻڪي‘ به چوندا آهن. هي ساز جسامت ۾ ننڍڙو ٿئي ٿو ۽ هٿ ۾ آسانيءَ سان اچي وڃي ٿو. هن ساز کي دهل وانگي ٻه پُڙ ٿيندا آهن ۽ دهل وانگر هوندو آهي، پر ان جو وچ سنهڙو چيلهه وانگي هوندو آهي. پُڙن تي دهل وانگي ٻڪريءَ يا رڍ جي کل چڙهيل هوندي آهي. ڊيٻڪيءَ ۾ ٻنهي پاسن کان ڪپڙي ۾ ٻڌل ننڍڙي پٿري يا ٺڪري هوندي آهي، جيڪا مضبوط ڌاڳي وسيلي لڙڪيل هوندي آهي. ڊيٻڪيءَ کي هٿ سان ٻنهي طرفن ڦيرائبو آهي ته اهي ڌاڳا ۽ انهن جي ڇيڙن تي ٻڌل ٺڪريون يا پٿريون، پُڙن کي لڳي آواز ڪڍنديون آهن. ڊيٻڪي وڏيءَ مهارت سان وڄائي ويندي آهي. گھڻو ڪري ڀولڙن کي نچائڻ وارا بازيگر ۽ مداري هن ساز جو استعمال ڪندا آهن.


لفظ ڊيٻڪيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو