پڪواز

پڪواز

پڪواز

پڪواز: پڪواز کي ڍولڪ به چوندا آهن. پڪواز، اصل ’پکاوج‘ لفظ جي بگڙيل صورت آهي. هي دهل جو ننڍو قسم آهي ۽ ان جي سموري بناوت دهل جهڙي ٿيندي آهي.
پڪواز کي ٻه پاسا، هڪ نر ۽ ٻيو مادي ٿئي. هڪ کي ڌامون ۽ ٻئي کي پڙي چون. ڌامون ٿلها ٻول ڏئي، جڏهن ته مادي سنها ٻول. دهل جو آواز وڏو ٿيندو آهي، جڏهن ته ڍولڪ جو آواز ننڍو ٿيندو آهي. هن جا ٻول طبلي وانگر آهن. هن مان ڌا- ڌن- ڌي- ڌٽ- ڪِٽ- ڪَتِ- ڪن- ڪتا وغيره جا ٻول ادا ڪڍي سگهجن ٿا.
پڪواز موسيقيءَ ۾ تال جو ساز آهي. پڪواز سهرن ۾ عورتون به وڄائينديون آهن. سهري واري وڄت کي ”پڇنڊ“ چوندا آهن. هن مان ڪلواڙي، تين تال، ڪهروا جا تال مڪمل ۽ سٺا نڪرندا آهن. پڪواز کي ڏونڪن سان نه، پر هٿن سان وڄائبو آهي.


لفظ پڪوازھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو