ڏنڊو

ڏنڊو

ڏنڊو

ڏنڊو (ساز): ساز جو هڪ قسم آهي، سنڌ ۾ فقير هڪ هٿ سان يڪتارو ۽ ٻئي هٿ سان ڏنڊو وڄائيندا آهن. ڏنڊو سوڌيل گول ڪاٺيءَ جو اٽڪل ٻه فوٽ ڊيگهه ۾ ٿئي ٿو. ان جي هڪ مٿي ۾ پاسي کان ٽنگ ڪڍندا آهن ۽ پوءِ اُن سوراخ ۾ مضبوط ڌاڳو وجهي، ان جي مٿان چمڙيءَ جي گول ڪنگريدار چپڙي رکندا آهن، ان جي مٿان پنج وڏا گهنگهرو (ڪڏهن ست) ٻڌي، ان کي يڪتاري جي تار تي ڇمڪو ڏياريندا آهن. سنڌ ۾ ڏنڊي جو موجد سيداعظم شاهه آهي، جيڪو سنڌ جو سدا ملوڪ ڪافيرن مان ليکيو وڃي ٿو. فقرائي لڏو يڪتاري سان ڏنڊو ضرور رکندو آهي. ڪافين ۾ ڏنڊو چڱي لئي ڪري ٿو. ڪي ڪافين ڳائڻ وارا يڪتارو، کڙتال يا چپڙي وڄائن، پر ڏنڊي جي گهنگهرن جو آواز مڙني کان چهرو ٿئي ٿو. پنجاب ۾ ڏنڊي جي جاءِ تي چمٽو ساز طور وڄائين.


لفظ ڏنڊوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو