طائوس

طائوس

طائوس

طائوس (ساز): طائوس تاري سازن ۾ شمار ٿئي ٿو، جيڪو گز سان وڄائبو آهي. هي هندستان ۽ پاڪستان جو مشهور ساز آهي جيڪو اتر هندستان ۾ گهڻو پسند ڪيو وڃي ٿو. هن ساز لاءِ روايت آهي ته هي ساز سک مذهب جي ڇهين گرو شري گرو گوبند جي (1644ع-1595ع) ايجاد ڪيو هو. هي ساز دلربا جو ئي نمونو آهي پر دلربا ساز کان ننڍو ۽ سادو آهي. هن جي آوازي کوکي جو نمونو مور وانگر آهي. طائوس لفظ جي اصليت به فارسي آهي، جنهن جي معنيٰ آهي مور. هن ساز جي ڳچيءَ تي 20 عدد ڳٺيون (Frets) لڳل هونديون آهن. ڳچي يا آوازي کوکي سان 28 عدد کان 30 تارون لڳل هونديون آهن، جيڪي ڳني کان آوازي کوکي سان ڳنڍيل هونديون آهن. ٽي مختلف سرن ڪڍڻ لاءِ ٽي تارون هونديون آهن. انهن کانسواءِ باقي تارون آس لاءِ هونديون آهن.انهن تارن کي ڇڪي يا ڍرو ڪري گهربل سُر حاصل حاصل ڪبو آهي. گز ڪمان وانگر ٿئي جيڪوگهوڙي جي پڇ جي وارن مان ٺاهيندا آهن. هي ڪافي ڳرو ساز آهي. روايتن موجب اڄوڪو مشهور ساز دلربا هن ساز مان نڪتل آهن. هن جي ايجاد سکن جي گرو گوبند جي ڪئي هئي. هن طائوس مان ڪجهه شيون هٽائي کيس ننڍو ڪري دلربا ٺاهي هئي، طائوس سريلن ۽ جهيڻن سرن لاءِ مشهور ساز آهي.


لفظ طائوسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو