سانپا

سانپا

سانپا

سانپا (Earth Worms): سانپا، زميني ڪينئان آهن، جيڪي باغن توڙي گهرن ۾ پوسل وارن هنڌن تي اڪثر سُرندي نظر ايندا آهن. سانپا اڌ فوٽ کن ڊگھا ٿين ٿا، جن جو بدن نازڪ ۽ نرم ٿيندو آهي. سنهڙي بلا جي شڪل جا ٿيندا آهن. حڪيم هنن کي دوائن ۾ استعمال ڪندا آهن. هي اڪثر ڪيلي جي وڻن جي پاڙن ۾ يا ٻين پاڻيءَ وارن هنڌن تي اندر زمين ۾ رهندڙ ٿلهي سڳي جھڙا ڊگھا جيت ناسي رنگ جا ٿيندا آهن. سانپي کي اتان ڪڍي مٽيءَ کان صفا ڪري پوءِ ڪم آڻبو آهي. حڪيمن موجب ڊاک جي پاڻيءَ سان گڏ مثاني جي پٿري، کنگهه ۽ يرقان ۾ فائدو ڪن ٿا. انهن جي تيل ۾ مٺو تيل ملائي گنج ۽ وار چري جي جاين تي لڳائڻ سان وار جلد نڪرندا آهن.


لفظ سانپاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو