ڀينگوڀينگاري

ڀينگو/ڀينگاري: هي جيت مڪڙ جيڏو ٿيندو آهي. اُن جو مٿو سائو ۽ پٺيءَ تي مضبوط کوپي جا ٻه پَر ڳاڙهي رنگ جا ٿيندا آهن، جي فقط بچاءَ لاءِ آهن. اڏامڻ لاءِ هن جا هيٺان پر اڇا سنها نرم ٿيندا آهن، جن سان اڏامندو آهي. هيءَ جيت برساتي موسم ۾ ظاهر ٿيندو آهي. وڻن، خاص ڪري ڪنڊي جي وڻ تي ويهندو آهي. هن جي ماديءَ کي ’ڀينگي‘ چئبو آهي، جنهن جي پرن جا مٿيان کوپا سائي رنگ جا ٿيندا آهن. هن جي پرن ۽ مٿي وارن کوپن جو رنگ اهڙو ته تجليدار هوندو آهي، جو ڪاشيءَ وانگر پيو چلڪندو آهي. هن جو هيٺيون بدن به مضبوط کوپي ۾ بند ٿيل هوندو آهي. ڳوٺن ۾ ٻار کيس جھلي ڪنڌ ۾ سڳو ٻڌي اُڏائيندا آهن. ڪانءَ هنن جيتن کي ڏسڻ شرط ماري کائي ويندو آهي. هنن وڻن جي هيٺان جيتن جي پرن ۽ مٿي جا کوپا ڪريا پيا هوندا آهن، جن کي ”پَنکِلا“ چون. ٻار اُهي به ميڙي کڻي ايندا آهن ۽ گھرن ۾ جارن تي ۽ ڪوٺن تي آلي مِٽي ۾ لڳائي ڇڏيندا آهن، ۽ مٽي سڪڻ تي ان ۾ قابو ٿيو پون ۽ پيا چلڪندا آهن. ننڍيون ننڍيون ڇوڪريون گُڏين جي ڳچين ۾ پنکلا لڳائينديون آهن. هڪ ٻئي قسم جي به ڀينگي ٿيندي آهي، جنهن جا کوپا ميرانجهڙا، بي رونق ۽ مٿس اڇا ٽڪا ٿيندا آهن. هي ڦوڳن تي ڏسڻ ۾ ايندي آهي، ان کي ”ڀيل ڀينگي“ چوندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو