چـوڪڙيـدار-ڳوراهه

چـوڪڙيـدار-ڳوراهه

چوڪڙيدار-ڳوراهه

چـوڪڙيـدار-ڳوراهه :(Chequered Keelback /Xenochrophis piscator)
آبي ماحول ۾ رهندڙ هن بلا کي سنڌيءَ ۾ عام طور ’پاڻيءَ واتڙيو‘ چوندا آهن ۽ هـِنـديءَ ۾ ان کـي ’پـانـي ڪـا سـانـپ‘ سڏبو آهي. هن بلا کي لاڙ ۾ ’ڳوراهه‘ چوندا آهن. ڳوراهن جا به ٻه ٽي قسم آهن، چوڪڙيدار ڳوراهه جي وڌ ۾ وڌ ڊيـگهـه 1.48 ميـٽـر (4.10 فوٽ) رڪارڊ ڪئي وئي آهي، پر اها عام طور 1.21 ميٽر کان مٿي نه ٿيندي آهي. هن ڳوراهه جو جسم گَـهرو سائو، تيز هيڊو يا ميـٽائـون ٿيـندو آهـي. ڪڏهن ڪـڏهـن هـلـڪو ڳاڙهـاڻ مائل ڀورو به ٿئي ٿو. هن کي جسم تي ڪارن چِٽن جون پنج قطارون ٿينديون آهن، جيڪي عام طور جوان ڳوراهن ۾ نمايان هونديون آهن ۽ پاڻ ۾ ملي ڪي پاسيريون پٽيون ٺاهينديون آهن. هن جي جسم جو پويون حصو يڪ رنگو ٿئي ٿو. هن جي اکين جي پويان ٻه ڪاريون ٽيڏيون پٽيون هونديون آهن، جيڪي وات کي ڇهنديون آهن. هن جو پيٽ اڇو ٿئي.
هيءَ طبيعت ۾ چڱي خارباز بلا آهي ۽ وري وري حملو ڪندي آهي. ان جي چڪ سان تمام سخت سور ٿيندو آهي. ڳــوراهه عام طور سياري ۾ نِستائيءَ واري ننڊ ۾ هلي ويندي آهي. ڏيڏر ۽ مڇيون شڪار ڪري کائيندي آهي. مارچ اپريل ۾ ڍنڍ جي ڪناري تي ڪنهن محفوظ هنڌ تي 40 کان 80 آنا ڏيندي آهي. هن جو آنو 25 کان 30 ملي ميٽر ڊگهو ۽ 15 کان 18 ملي ميٽر گول ٿئي ٿو. اُن جا ٻچا مئي کان جون ڌاري ڦُٽي پوندا آهن. هيءَ بلا تائيوان کان هندستان ۽ پاڪستان تائين جابلو ۽ ميداني علائقن جي ندين ۽ ڍنڍن ۾ ٿئي ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو