چِچِي

چِچِي

چِچِي

چِچِي (Small House Lizerd): چچي/ ڪِرڙي ريڙهيون پائيندڙ جاندار آهي، جنهن کي ’سانڊي‘ به چئبو آهي. هي Hemidactylus frenatus فئمليءَ جو جاندار آهي. چچي، پاڪستان، هندستان، لنڪا ۽ آفريڪا ۾ ملي ٿي. هيءَ زمين، گھرن جي ڀتين ۽ ڇتين ۽ وڻن تي ڏٺي وڃي ٿي. هن جو مٿو ڌڙ جي ڀيٽ ۾ ننڍو ٿئي ٿو ۽ اُن جي مٿي تي ٻه اکيون هونديون آهن، جن جي پٺيان ڪنن جا سوراخ ٿيندا آهن. چچيءَ جو وات ويڪرو ٿيندو آهي، جنهن ۾ ننڍا نوڪدار ڏند ۽ هڪ ڊگھي زبان ٿيندي آهي. هوءَ شڪار کي هڪدم زبان سان جھٽ هڻي، پڪڙي وٺندي آهي. چچيءَ کي چار ٽنگون ٿين، جن مان اڳيون ٻه ٽَنگون، پٺين ٽنگن کان ننڍيون ٿين ٿيون. چچيءَ جي ڳچي ننڍي ٿئي ٿي، جيڪا سندس منهن ۽ ڌڙ کي ملائيندي آهي. هن کي هڪ ڊگھو پڇ به ٿئي. چچيءَ جي کل ڳنڍيل ڇلرن سان ڍڪيل ٿيندي آهي. چچي جڏهن کل بدلائيندي آهي ته اُن جا ڇلر گڏوگڏ لهي ويندا آهن. چچي آنا ڏيندي آهي ۽ اُن جو رت گرميءَ جي پد ۽ ماحول موجب بدلبو رهي ٿو.
چچيءَ جا ڪيترائي قسم ٿيندا آهن. جهڙوڪ: (1) جهنگلي چچي يا سانڊو. سانڊا جسامت ۾ وڏا ٿين ٿا، جن جي پڇ جا ڇلر ڪنڊن وارا ٿين. سانڊا جھنگن ۽ باغن اندر زمين ۾ ٻِر ٺاهي رهندا آهن. جيت ۽ گل کائيندا آهن. هنن جو ٻيو مشهور قسم ’ورامس‘ آهي، جيڪو سنڌ ۾ ’سانڊو‘ سڏبو آهي. هي پنهنجو رنگ بدلائيندا آهن. زمين تي زمين جھڙو رنگ اختيار ڪندا آهن. هنن جي رنگ بدلجڻ جو ڪارڻ سندن جسم ۾ متحرڪ رنگين ڳوٿرين جو هئڻ آهي، جن کي ’ڪروميٽو فورس‘ چئبو آهي. (2) گرگٽ: هي هيڊي ڀوري رنگ جون چچيون آهن ۽ سانڊو سڏجن. (3) پٽن واريون چچيون: هي سائي رنگ جون ٿينديون آهن.


(4) اُڏامندڙ چچي (ڪرڙي): هيءَ چچيون گھڻو ڪري گھاٽن جهنگلن ۾ نظر اينديون آهن. هنن جي ڌڙ جي پاسي ۾ هڪ جھلي ٿيندي آهي، جيڪا ڌڙ کي اڳين ٽنگن ۽ پوين ڄنگھن سان ڳنڍيندي آهي، ۽ هن جھليءَ جي مدد سان هڪ وڻ کان ٻئي وڻ تائين اڏامي سگھندي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو