
جوڌپور
جوڌپور (Jodhpur ):جوڌپور هندستان جي رياست راجستان جو هڪ شھر آهي، جنهن جو بنياد 1459ع ۾ راٺوڙ قبيلي جي سردار راءِ جوڌا وڌو. هيءُ راجستان رياست جو ٻيو نمبر وڏو شھر آهي. هتي راجستاني، مارواڙي، هندي ۽ سنڌي ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون. 2010ع جي آدمشماري مطابق هن شھر جي آبادي 652، 006، 1 آهي. هن شھر جي پکيڙ 50. 95 ڪلوميٽر (37 چورس ڪلوميٽر) آهي. هيءُ شھر سمنڊ جي سطح کان 231 ميٽر (758 فوٽ) مٿي آهي. هيءُ شھر ويڪرائي ڦاڪ 26017N7301E ۾ واقع آهي. 1949ع تائين هيءُ شھر ساڳئي نالي سان مارواڙ جي گاديءَ جو هنڌ رهيو. هيءُ شھر واپاري مرڪز آهي، جتي هٿ جي هنر، چمڙي، هاٿيءَ جي ڏندن مان ٺهيل شين ۽ ڌاتوءَ جي سامان وغيرہ جو واپار ٿئي ٿو. جوڌپور ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ ڪيترا قلعا ۽ پراڻا مندر ٺهيل آهن. هيءُ مشھور سياحتي ماڳ بہ آهي، جتي هر وقت سياحن جي رش رهي ٿي. هيءُ روشن سج وارو شھر (سوريه نگري) بہ سڏيو وڃي ٿو. ڇاڪاڻ تہ هتي روشني تمام گهڻي هوندي آهي. ان کان سواءِ گهرن جي اڪثريت نيري رنگ جي هجڻ ڪري هي (Blue City) پڻ سڏيو وڃي ٿو. هن شھر جي چؤطرف پٿر جي ديوار ڏنل آهي. هيءُ شھر راجستان مرڪز ۾ هجڻ ڪري ’نيرو‘ شھر شروع کان ئي روڊ ذريعي دهليءَ ۽ گجرات سان ڳنڍيل رهيو. مرڪز ۾ هجڻ ڪري هن وڏو فائدو اهو ٿيو تہ هتي جي ماڻهن کي آفيم، کجور، ڪافي، ڪوپر، ريشمي ڪپڙن وغيرہ جي واپار ۾ وڏو فائدو ٿيو. مغل سلطنت دوران هيءُ شھر خودمختيار رياست جي صورت ۾ رهيو. ان عرصي دوران هتي وڏا وڏا جنرل ٿيا، جن ۾ مهاراجا جسونت سنگهہ بہ شامل آهي. جوڌپور جي ماڻهن اڏاوتي فن ۾ جدت آندي ۽ پوري ملڪ ۾ مشھور ٿيا. 1679ع ۾ اورنگزيب هن شھر تي قبضو ڪيو پر 1707ع ۾ اورنگزيب جي مرڻ کان پوءِ مغل شهنشاهيت جو زوال اچڻ شروع ٿيو، پر جوڌپور جي رهواسين هن صورتحال مان فائدو نہ ورتو ۽ هڪ ٻئي سان ويڙھہ ۾ مصروف رهيا. هنن جي ان ويڙھہ مرهٽن لاءِ قبضي جو دروازو کولي ڇڏيو، جنهنڪري مرهٽن هن رياست کي استحڪام ڏيڻ بجاءِ تباھہ ڪري ڇڏيو. 50 سالن جي جنگين، جهيڙن ۽ معاهدن جو نتيجو اهو نڪتو جو هن تي 1818ع ۾ برطانيا قبضو ڪري ورتو. برطانوي حڪومت جي دور ۾ جوڌپور شھر ايراضيءَ جي لحاظ کان راجپوتانا جي وڏي رياست هو. هتان جا مارواڙي واپار جي لحاظ کان پوري هندستان ۾ وڏو رتبو رکندا هئا. 1947ع ۾ جڏهن هندستان جو ورهاڱو ٿيو تہ جوڌپور راجستان جو ٻيو وڏو شھر بڻجي ويو. ورهاڱي وقت جوڌپور جي حڪمران جسونت سنگهہ نٿي چاهيو تہ هيءَ رياست هندستان سان گڏجي، پر سردار ولڀ ڀائي پٽيل، جيڪو ان وقت ڪانگريس جو مرڪزي اڳواڻ هو، جوڌپور کي هندستان سان
گڏائي ڇڏيو. State Reorganization Act 1956 تحت جوڌپور کي راجـسـتان جو حصو بڻايو ويو. هتان جي مشھور جاين ۾ ڏهر نگر قلعو، جسونت ٿڙا، اوسيان مندر، مندور، ڪلياڻ ڍنڍ ۽ باغ، بلشمند ڍنڍ، سردار سمنڊ ڍنڍ ۽ محل، ڌاوا ٻيلو، کچن، اويسان ۽ ٻيا شامل آهن. هتي ڪيترائي ڏڻ وغيرہ ملهايا وڃن ٿا. جن ۾ مارواڙ تهوار، مهاوير جيانتي، بابا رامديو وغيرہ جا ڏينهن شامل آهن. مهراڻ ڳڙھہ قلعو، جبل جي هڪ ٽڪريءَ چڙيا ٽونڪ تي اڏيل آهي. هتي راجستان هاءِ ڪورٽ جي نالي سان عدالت پڻ قائم آهي. تعليمي ادارن ۾ ‘NLU’, ‘IIT’, ‘M.B.M.Engg College’ ۽ ‘AIIMS’ شامل آهن. هتي ريلوي، هوائي ۽ روڊ رستي جي سفر جون سهولتون موجود آهن .