راجسٿاني

راجسٿاني (ٻولي: Rajasthani): راجسٿاني ٻولي، هندستان اندر مهاراشٽر، گجرات، اتر پرديش سميت سنڌ جي ڏکڻ واري علائقي ۽ پنجاب ۾ به ڪن هنڌن تي ڳالهائي وڃي ٿي. هن ٻوليءَ جو تعلق هند- يورپي، هند- ايراني ۽ هند- آريائي ٻولين جي خاندان سان آهي، ڪي ان کي دراوڙي دفعي جي ٻولي پڻ سمجهن ٿا. ڍاٽڪي، گوريا، لوئرڪي، گڙي لوهر، ٿلي، سانسي، رومانوي، گجري، ملوي نمبديءَ سميت باگڙي، شيکاوتي، ميواتي، مارواڙي، ڌونڌاري، هيروئتي، ميواڙي، واگهڙي وغيره هن ٻوليءَ جا لهجا شمار ڪيا وڃن ٿا. هنن لهجن کي راجسٿاني ٻوليءَ جون شاخون به سڏيو وڃي ٿو. مشهور لسانياتي ماهر سر جارج گريئرسن هن کي ٻوليءَ جو درجو ڏنو. ان کان اڳ هيءَ ٻولي اولهندي هنديءَ جو لهجو شمار ڪئي ويندي هئي. هن وقت هيءَ ٻولي مختلف لساني ثقافتن جي ميڙ جي ٻولي آهي. هندستان اندر هن ٻوليءَ کي سرڪاري ٻوليءَ جي حيثيت حاصل آهي. اڌيپور ۽ جوڌپور جي يونيورسٽين ۾ باقاعدي راجسٿاني پڙهائي وڃي ٿي.


لفظ راجسٿانيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو