آهيڙي

آھيڙي: ھڪ خانه بدوش راجسٿاني غير مسلم قبيلو. عام طرح اھي شڪاري جيڪي ڪوڙڪي وجھي جانور کي شڪار ڪندا آھن يا وري ڪنھن ھٿيار (ٽڪي) ڪاتر، گھوٻاٽي وغيره سان جانور کي زخمي ڪري جھليندا آھن. انھن شڪارين کي آھيڙي چوندا آھن. شڪاري اصل ۾ ھڪ خانه بدوش قبيلو آهي. شاهه لطيف هي لفظ رسالي ۾ هن ريت ڪم آندو آهي:
جهنگل آهيڙين ري، ڀَنڻ ڪيو رُوندو.
(شاه)
مومل ماري ميرَ، آهيڙين کي آڪري!
(شاه، راڻو 8/7)
مُلان ملان مَ چئو، آهيڙي آهين!
(شاه)


لفظ آهيڙيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو