ريندڻ

ريندڻ: ريندڻ، سنڌو درياهه جو هڪ آڳاٽو ڍورو هو، جيڪو ضلعي گهوٽڪيءَ جي تعلقي اٻاوڙي ۽ ڏهرڪيءَ کان ميرپور ماٿيلي جي ڳڙهي ۽ جروار کان اڀرندي پاسي وهندو هو. هي ڍورو ريڻيءَ مان نڪتل لڙهي ڳوڙهيلي ۾ خانپور مهر کان اوڀر طرف ڇوڙ ڪندو هو. پراڻي زماني ۾ ريندڻ ڍوري جي وهڻ سان ٿيندڙ نقصان کان بچڻ لاءِ گبول ۽ بوزدار برادريءَ جي ماڻهن هڪ وڏو بند به ٻڌرايو هو، جنهن جا نشان اڄ تائين موجود آهن. تعلقي ميرپور ماٿيلي جي ديهه ٻرار ۾ ريندڻ نالي هڪ ڳوٺ به آهي ۽ هڪ قديمي قبرستان به آهي. ريندڻ ڍوري واري علائقي مان هن وقت گهوٽڪي فيڊر مان ڪنڊير واهه ڪڍيو ويو آهي.


لفظ ريندڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو