جروار

جروار: جروار بلوچن جو هڪ قبيلو آهي، جيڪو رندن جي اوڻيهن قبيلن مان هڪ آهي. 1892ع ۾ هن پاڙي جو اڳواڻ جروار پٽ حيات خان هو. سندس پنجاهه مري قبيلي جا ماڻهو تمن جي هٿيارن واري ڊيپو جي حفاظت لاءِ مقرر هئا. مري، رند قبيلي جي شاخ آهي، جيڪا وري وڌيڪ چئن شاخن ۾ ورهايل آهي: غزني، لهاراڻي، ٽالپر ۽ بجاراڻي. جروار. مريءَ جي پهرين شاخ غزنيءَ جو هڪ پاڙو آهي. جروار بلوچن جي ڪيترن قبيلن جا پاڙا آهن، جھڙوڪ: رندن جي هڪ پاڙي جو نالو جروار آهي، جڏهن ته عمراڻي بلوچن ۾ به جروار آهن؛ کوسن جو هڪ پاڙو پڻ جروار آهي، هي پنجاب کان آيل آهن؛ مزاري بلوچن جي رستماڻي قبيلي مان هڪ آڪهه جو نالو ’قيصراڻي‘ آهي، جنهن مان هڪ پاڙي جو نالو ’جروار‘ آهي. سنڌ ۾ لاڙڪاڻي، شهدادڪوٽ، ٽنڊي الهيار، بدين ۽ ميرپورخاص ضلعن ۾ وڏي تعداد ۾ جروارآباد آهن. مشهور صوفي درويش مراد فقير به جروار هو، جنهن جي مزار بدين ضلعي جي ڳوٺ عارياڻيءَ ۾ آهي .


لفظ جروارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو