آدمشماري

آدمشماري

آدمشماري

آدمشماري: ماڻھن جي ڳڻپ. (ملڪ ۾ رھندڙ ماڻھن جي سرڪاري طور ڳڻپ، جيڪا ھر ڏھين سال ٿيندي آھي). پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ 1951ع، 1961ع، 1972ع ۽ 1981ع ۾ آدمشماري ٿي. انھيءَ کان پوءِ حڪومت طرفان 1991ع ۾ آدمشماري ڪرائي وئي، پر ان جي نتيجن کي تسليم نه ڪيو ويو، جنھنڪري عام ماڻھن ۾ بيچيني پيدا ٿيڻ لازمي امر ھو. ڇو ته صوبن جي ضرورتن، ترقياتي ڪمن، ملازمتن، روزگار وغيره جو دارومدار آدمشماريءَ جي انگن اکرن تي ئي ھوندو آھي. آدمشماريءَ جي عمل کي لاڳيتو پوئتي ھٽائڻ تي ڪافي احتجاج کان پوءِ آخر مارچ 1998ع ۾ آدمشماري ٿي، جنهن موجب ملڪ جي آبادي 13 ڪروڙ 8 لک 57 هزار ماڻهن تي مشتمل هئي. پاڪستان قائم ٿيڻ وقت سنڌ صوبي جي آبادي 70 لکن تائين ھئي، جيڪا 1981ع جي آدمشماريءَ موجب وڌي ھڪ ڪروڙ 90 لکن تائين پھچي ويئي. 1998ع ۾ سڀني ضلعن جي رپورٽن مطابق سنڌ صوبي جي آدمشماري ٽن ڪروڙن کان مـٿي ٿي چــڪي. جــڏهن ته پاڪستان جي آبادي ميڊيا جي انگن اکرن موجب 17 ڪروڙ کان به وڌي وئي آهي. پاڪستان ۾ آخري ڀيرو ڇھين آدمشماري 15 مارچ 2017ع کان 25 مئي 2017ع تائين ڪرائي وئي، سرڪاري انگن اکرن موجب 2017ع ۾ ملڪ جي آبادي 20 ڪروڙ 77 لک 74 هزار 520 ماڻهن تي مشتمل آهي. هن آدمشماري مطابق گذريل 19 سالن جي دوران ملڪ جي آباديءَ ۾ 57 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. جنهن ۾ پھريون ڀيرو خواجه سرائن کي به شامل ڪيو ويو. جن جو تعداد 10418 ڄاڻايل آهي. 2017ع جي آدمشماري موجب پنجاب جي آبادي 11 ڪروڙ، سنڌ جي 5 ڪروڙ کان وڌيڪ، خيبرپختونخواهه پوڻا چار ڪروڙ ۽ بلوچستان جي آبادي هڪ ڪروڙ ٽيويهه لک ڄاڻايل آهي. جڏهن ته گادي واري شهر اسلام آباد جي آبادي 20 لک کان وڌيڪ، فاٽا جي آبادي 50 لک ۽ آزاد ڪشمير ۾ 40 لک 45 هزار 366 ماڻهو ڄاڻايل آهن. 2017ع ۾ آدمشماري جي رپورٽ موجب مردن جو تعداد 10 ڪروڙ 64 لک 49 هزار ۽ عورتن جو تعداد 10 ڪروڙ 13 لک 14 هزار ڄاڻايو ويو آهي.


لفظ آدمشماريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو