پٽيل

پٽيل: ’پٽيل‘ لفظ جي لغوي معنيٰ آهي پٽي وارو زميندار يا چڱو مڙس، جنهن جي زمين تي ڳوٺ ٻڌل هجي. هند- سنڌ ۾ مسلمانن توڙي هندو خاندانن (خاص ڪري هندن) ۾ ’پٽيل‘ سماجي اڳواڻ مکيءَ يا چڱي مڙس کي چوندا آهيون. هندستاني اڳواڻ جواهر لعل نهروءَ پنهنجي ڪتاب ”پيءُ جا ڌيءَ ڏانهن خط“ ۾ پٽيل لفظ جو منظر پيش هيئن بيان ڪيو آهي: جڏهن زراعت تي ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو ويو، تڏهن ڪم يا محنت جي ورهاست ٿي، ان ڪري قبيلي جي ڪنهن ماڻهوءَ لاءِ اهو لازم ٿي پيو ته هو ڪم کي ترتيب سان سرانجام ڏئي. ان کان سواءِ قبيلن ۾ ويڙهه دوران ضرورت پئي ته سندن ڪو شخص اڳواڻي ڪري، ان لاءِ قبيلا سڀ کان عمر رسيده شخص کي چونڊي پٽيل بنائيندا هئا. Patriarch لفظ لاطيني ٻوليءَ جي پيٽر Pater مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي پيءُ (Father). يعني قبيلي/ قوم جو ابو. اهو جيترو عمر رسيده هوندو هو. اوترو ئي کيس تجربيڪار ۽ ڄاڻ وارو سمجهيو ويندو هو. اهو پٽيل قبيلي جي ماڻهن کان مختلف نه هوندو هو، پر ماڻهن سان گڏجي ڪم ڪندو هو. جيڪو کاڌو حاصل ڪندا هئا، سو سڀني ۾ ورهائبو هو. هر شيءِ قبيلي جي هوندي هئي. اڳي هر ڪنهن وٽ ڌار گهر ۽ جائدادون نه هيون، جيئن اڄ آهن. سمورن جي ڪمائي پٽيل يا قبيلي کي سنڀاليندڙ شخص سڀني ۾ ورهائيندو هو. آهستي آهستي تبديليون آيون. زراعت ۽ ٻين سماجي معاملن ۽ ڪمن ڪارين جي ترتيب ۽ نظرداري ۾ پٽيل پنهنجو وقت ڏيندو هو. آهستي آهستي پٽيلن هلڪا سلڪا ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنا ۽ قبيلي جي ٻين ماڻهن کان مختلف ليکجڻ لڳو، هو قبيلي جي ماڻهن کي ڪمن جي ترتيب ڏسڻ ۽ حڪم ڪرڻ لڳو. قبيلائي جنگ دوران پٽيل وڌيڪ طاقتور ٿيندو ويو ۽ جيئن جيئن قبيلن ۾ تنظيمي ڪم جو واڌارو ٿيو، پٽيل وڌيڪ منظم ٿي ويا. پٽيل جي موت تي قبيلي جا سمورا ماڻهو گڏ ٿي نئون اڳواڻ يا پٽيل مقرر ڪري ان کي پڳ پارائيندا هئا، پر اڪثر پٽيل چاهيندا هئا ته سندن مرڻ پڄاڻان سندن اولاد ئي پٽيل ٿئي.سنڌ جي ڏاکڻين حصي ٿر ۽ هندستان جي ڪڇ ۽ گجرات پرڳڻن ۾ راجپوت ذاتين ۾ پٽيل آڳاٽي وقت کان موجود آهن. سردار ولڀ ڀائي پٽيل، جسٽس دراب پٽيل، محمد عصمت پٽيل وغيره سياسي، سماجي، عدالتي ۽ ادبي ميدان ۾ مشهور شخصيتون ٿي گذريون آهن. سنڌ جي ٿرپارڪر ۽ عمرڪوٽ ضلعن ۾ قبيلائي سطح تي اڄ به پٽيل فيصلا ڪندا آهن ۽ متصادم ڌُرين کي سندن فيصلو قبول ڪرڻو پوندو آهي. ڪيترين مسلم ذاتين ۾ خاص ڪري ڪڇين ۽ کترين ۾ پٽيل موجود آهن.


لفظ پٽيلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو