سورياسس

سورياسس

سورياسس

سورياسس

سورياسس

سورياسس (Psoriasis: چمڙيءَ جي بيماري): هيءَ قدرتي/ فطري طور ٿيندڙ (constitutional) چمڙيءَ (Cutaneous) جو نهايت ئي موذي ۽ ڪهنو مرض آهي. هيءَ بيماري هڪ ڀيرو ٿيڻ کانپوءِ ورلي ڪو ڪنهن کي ڇڏي وڃي ٿي، نه ته مريض سان سڄي عمر نڀائڻ واري بيماري آهي. اهوئي سبب آهي، جو هيءَ بيماري هڪ نسل کان ٻئي نسل يا اڃا به اڳتي سفر ڪري سگھي ٿي. ايتري مهلڪ ۽ ڪهني هوندي به هيءَ بيماري وچڙندڙ (Contagious) ۽ خارش (Scabies) وانگي عام پکڙجندڙ نه آهي. عام طرح سان هيءَ بيماري ٽيهن سالن جي عمر وچ ۾ ڪنهن به وقت ٿي سگھي ٿي. ٻاروتڻ يا پيريءَ ۾ ڪانه ٿيندي آهي، باقي هيڪڙ ٻيڪڙ اڌ وهيءَ ۾ به ٿيندي ڏٺي وئي آهي. عورتن جي مقابلي ۾ هيءَ بيماري مردن کي وڌيڪ ٿيندي آهي. هن بيماريءَ جون جدا جدا خاصيتون آهن، هر هڪ مريض تي ڌار ڌار اثر ڪري ٿي، ڪڏهن ته سڄي عمر هجڻ جي باوجود مريض کي گھڻو پريشان نه ڪندي آهي، ڪڏهن ته ٿورو عرصو قائم هجڻ جي ڪري مريض لاءِ آزار بڻيل هوندي آهي.
دنيا ۾ سورياسس گرم ملڪن ۾ (گرميءَ) جي مقابلي ۾ ٿڌن ملڪن (ٿڌ) ۾ گھڻي کان گھڻي ٿيندي آهي. هن بيماريءَ جو جيڪڏهن علاج نه ڪيو وڃي ته به اونهاري (گرميءَ) ۾ يا ته چمڙيءَ تان غائب ٿي ويندي آهي، يا وري ماٺِ ٿي ويندي آهي. سيارو (ٿڌ) ايندي ئي هيءَ بيماري پاڻمرادو اٿلي (Recur) پوندي آهي. سڄي دنيا ۾ چمڙيءَ جي سڀني بيمارين جي مقابلي ۽ هن بيماريءَ جو ڳاڻاٽو 4% سيڪڙو آهي، جڏهن ته پاڪستان ۾ 1% هڪ سيڪڙو آهي. اسان وٽ سنڌ ۾ اڳ ۾ هيءَ بيماري ورلي ڏسبي هئي، پر هاڻي سنڌ جي سخت موسمي اثر رکندڙ اترئين علائقن ۽ سامونڊي پٽيءَ وارن شهرن ۾ اهڙا مريض ظاهر ٿين ٿا.
بيماريءَ جا سبب (Aetiology): ميڊيڪل سائنس جي بيمارين جي ڄاڻ جو علم (Pathology) اڃا تائين اهو ٻڌائي نه سگھيو آهي ته هيءُ مرض ڪهڙي روڳي جيوڙي (Pyogenic organism) جي ڪري ٿئي ٿو. دنيا جي گھڻين مهلڪ بيمارين وانگي هن بيماريءَ لاءِ به لکيو وڃي ٿو ته Reasons are not known چمڙيءَ جي علاج جا ماهر ڊاڪٽرDermatologists به هن بيماريءَ جي ٿيڻ جي سببن لاءِ پنهنجي راءِ ۾ ورهايل آهن. هڪڙن جو خيال آهي ته هن بيماريءَ جو روڳي جيوڙو ساڳيو ڪوڙهه جي روڳي جيوڙي Bacillus Leprae جي نسل (Genus) سان تعلق رکي ٿو، (پر ان جي به ثابتي ڪانه ٿي ملي) ٻين جو ته اهو خيال آهي ته هي نسلن کان وٺي ظاهر توڙي جسم ۾ دٻيل ٿئي ٿي، جيڪا ڪنهن نه ڪنهن سبب جي ڪري ظاهر ٿي پئي ٿي. تنهنڪري هيءَ بيماري موروثي
(Hereditary) آهي. گھڻن ماهرن جو اهو خيال آهي ته هيءَ گھڻين هيٺين بيمارين مان ڪنهن هڪ جي ڪري ٿئي ٿي، جيئن سلفس (Syphilis: سوزاڪ جي زهر) ڪري سلهه جي بيماري يا ته مريض جي وڏن کي هجي، يا وري خود مريض کي هجي. ننڍن سنڌن، جيئن کُڙيءَ جو سور
(Gout)، ڪنٺ مالا (Goitor) ۽ سنڌن جو سور (Rheumatism ) وغيره اچي وڃن ٿا، پر ان لاءِ ڪابه سائنسي ثابتي ڪانهي. باقي اهو ضرور ڏٺو ويو آهي ته سورياسس جا مريض 50% سيڪڙي کان به وڌيڪ يورڪ ايسڊ Uric acid ۾ ورتل هوندا آهن.
بيماريءَ جا مرحلا ۽ علامتون/ Stages and clinical symptoms: هر هڪ قسم جي سورياسس جي داڻن توڙي ڦٽن جون علامتون جدا جدا آهن، پر بنيادي طرح هن بيماريءَ جي شروعات چانديءَ جي رنگ جي خشڪ ڇلرن (Scales) سان ٿيندي آهي، جيڪي ڇلر بيماريءَ جي منهن ڪڍڻ (Onset) تي عضون جي ٻيڪڙن (Flexures) پٺيءَ، پيٽ، هٿن توڙي پيرن جي ترين، منهن، مٿي ۽ جنسي عضون تي نڪرندا آهن. بيماريءَ جي منهن ڪڍڻ تي بيماريءَ جا داڻا هڪٻئي کان پري به هوندا آهن ۽ ننڍا به هوندا آهن، پر جڏهن هيءَ بيماري وڌندي ۽ زور ڀريندي آهي ته اهي داڻا وڏا ٿيندا آهن ۽ هڪٻئي ۾ ڳُتجي (coalesce) به ويندا آهن. بيماريءَ جي گھڻي زور ڀرڻ (اڳتي وڌڻ) تي اهي ڳتيل داڻا زخمن جي شڪل وٺي بيهندا آهن، ڪن مريضن جي زخمن ۾ بوءِ به ٿيندي آهي ۽ انهن زخمن مان ڪڏهن ڪڏهن ٽسو پاڻي به ڳڙندو آهي، جيڪا بيماريءَ جي تمام گھڻي مهلڪ ۽ ڪهني حالت هوندي آهي.
(1) Psoriasis Punctata: هيءُ سورياسس جو پهريون مرحلو ۽ قسم آهي. هن قسم جي سورياسس جڏهن منهن ڪڍندي آهي ته پهريان گلابي رنگ جا سرنهن جي داڻي (Musatrd seed) جيترا سڌا يا چهنبدار داڻا (Papules) نڪرندا آهن، اهي داڻا ڪجھه ڪلاڪن کان وٺي ٻن ڏينهن وچ ۾ خشڪ اڇن چانديءَ جي رنگن جي ڇلرن (Scales) سان ڍڪجي ويندا آهن، جيڪڏهن انهن داڻن جي ڇلرن کي پٽبو ته ڇلرن جي هيٺان ڳاڙهي رنگ جي چمڙي ظاهر ٿيندي، جنهن ۾ رت جا دٻڪ به هوندا آهن.
(2) P:Guttata: ڪجھه ڏينهن کانپوءِ مٿيان داڻا آهستي آهستي وڏا ٿي هڪ رپئي جي ننڍي سڪي جيترا ٿي ويندا آهن. يعني انچ جي چوٿين حصي جيترا ٿي ويندا آهن ۽ ڇلر ٿلها ٿي ويندا آهن.
(3) P: Nummularis : جڏهن داڻا اڃا به وڌي ٻن روپين جي سڪي جيترا ٿي ويندا آهن، (يعني اڌ انچ جيترا) ته هتان بيماري پنهنجي مهلڪ شڪل ۽ خاصيت ڏانهن وڌڻ جي شروعات ڪندي آهي ۽ زور وٺندي آهي.
(4) P:Annulas: هن قسم ۾ جڏهن بيماري زور ڀريندي آهي ته داڻا لاڳيتا وڌي وڏا ٿي ويندا آهن ته هاڻي هڪٻئي کي ڳتجڻ (coalesce) جو مرحلو شروع ٿي ويندو آهي ۽ انهن ڳتيل داڻن ۾ هيڪڙ ٻيڪڙ وڍ (lession) پوندا آهن. ڪن ڳتيل داڻن جي وچ ۾ گول ڇلي (Ring) وانگر نشان به ٺهي پوندا آهن.
(5) P:Gyrata: هن قسم ۾ هڪ کان وڌيڪ وڍ پاڻ ۾ ملي وڏا گول چڪرا (Discold) ٺاهيندا آهن، جيڪي هڪٻئي کان پري ۽ جدا ٿي بيهندا آهن.
(6) P:Diffusa: هيءَ بيماريءَ جي چوٽ چڙهيل حالت هوندي آهي، جنهن ۾ بيماريءَ جا گھاوَ (Lessions) هڪٻئي سان ملي سڄي جسم تي جابجا پکڙجي ويندا آهن ۽ زخم ٿي ويندا آهن. انهن ڦٽن ۾ کک جهڙي بوءِ پيدا ٿيندي آهي ۽ اهي زخم گھڻي عرصي تائين قائم رهن ته انهن مان ٽسو/گند به ڳڙندو آهي.
(7) P:Scalp: هن قسم جي سورياسس ۾ بيماري مٿي جي چمڙي تي هوندي آهي، مٿي ۾ داڻن سان گڏ اڇي يا ڦڪي رنگ جون ٻڦي (Dandruff) وانگي کلون لهنديون آهن، بيماريءَ جي زور ۾ وارن جي پاڙن مان اهي سنهيون کلون/ ٻڦون ائين ڇڻنديون آهن، ڄڻ ڪنهن ڪڻڪ يا چانورن جو اٽو (Flour) هٿ سان وران جي پاڙن ۾ هاري ڇڏيو هجي، جيڪو هر وقت مريض جي مٿي تان ڇڻندو رهندو آهي.
(8) P:scrotum: هن قسم جي سورياسس جو حملو خاص ڪري مردن جي خصين ۽ نهائينءَ تي هوندو آهي. سورياسس جڏهن مردن جي خصين يا نهائينءَ تي حملو ڪندي آهي ته خصين ۾آزاريندڙ ڇتي خارش ٿيندي آهي. جيڪڏهن مرض گھڻو وڌيل هوندو ته خارش سان گڏ لڳلڳو چنبڙندڙ ٽسو/ گند به ڳڙندو آهي ۽ بيماريءَ هيٺ آيل خصيا ڳاڙها ٿي سخت ٿي ويندا آهن، جن ۾ سور ۽ سوڄ ٿي پوندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن انهن ۾ جھير (Fissure) به پئجي ويندا آهن، جن مان سنهو ۽ چنبڙندڙ لڳلڳو/ ٽسو ڳڙندو آهي. هيءَ بيماريءَ جي وڌيل ۽ آزاريندڙ صورت هوندي آهي، جنهن ۾ مريض هڪ هنڌ فرحت سان ويهي به ناهي سگهندو.
(9) P:Universalis: هن قسم جي سورياسس ۾ مريض جي جسم جو ڪوبه عضوو سورياسس جي داڻن کان بچيل ڪونه هوندو آهي، مريض جي سموري جسم تي سورياسس جا داڻا پکڙيل هوندا آهن، پر اهي داڻا نه ڳتيل هوندا آهن ۽ نه وري انهن ۾ ڦٽ هوندا آهن.
(10) P:Inverta: هن قسم جي سورياسس جي ڪري بيماريءَ هيٺ آيل چمڙي، داڻن، ڇلرن، ڦٽن ۽ گهاون ۾ آزاريندڙ سور هوندو آهي ۽ ساڳئي وقت ڇلر ۽ گھاوَ هڪ ٻئي ۾ ڳتيل هوندا آهن.
پرهيز/ رک/ ڪِري (Preventive Diet): دنبي جو، ڳائو ۽ ماهيو گوشت سموري عمر لاءِ سورياسس جي مريض کي قطعي نه کائڻ گھرجي. ڪو به ڳاڙهو گوشت کائڻ سان هيءَ بيماري اٿلي به پوي ٿي ۽ وڌي به وڃي ٿي. تنهن کانسواءِ ڀاڄين ۾ گوار، ميها ۽ ڪدونه کائڻ گھرجن، خاص ڪري ان وقت، جڏهن بيماري جسم تي ظاهر ٿيل هجي. بيماريءَ دوران اهي ڀاڄيون کائڻ سان بيماري ويتر وڌي ويندي آهي. دنيا جا ماهر چمڙيءَ جا ڊاڪٽر هن بيماريءَ جو علاج ۽ سبب دريافت ڪرڻ ۾ رڌل آهن.
سـنڌ مان پروفيسر ڊاڪٽر شاهه محمد مهيسر ’سورياسس‘ تي پي. ايڇ. ڊي ڪندڙ پهريون شخص آهي، هن بيماريءَ بابت سندس هڪ مقالو ڪتابي صورت ۾ جرمنيءَ مان ڇپيو آهي.


لفظ سورياسسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو