اٽو

اٽو

اٽو

اٽو

اٽي پيهڻ جي مشين

اٽي پيهڻ جي مشين

اٽي جي فيڪٽريءَ / مل ۾ اٽي جو ذخيرو

اٽي جي فيڪٽريءَ / مل ۾ اٽي جو ذخيرو

اٽو

اٽو: پِيٺل اناج کي ’اٽو‘ چئبو آهي. اناج جي سمورين جنسن جو اٽو ٺهندو آهي. عام طرح ان جي ماني پچي ٿي ۽ اهو خوراڪ طور استعمال ٿئي ٿو. سڀڪنهن اَٽي ۾ پنهنجي پنهنجي خاصيت هوندي آهي.
سنڌ جي لاڙ واري خطي ۾ ڳاڙهن چانورن جي اٽي جي ماني شوق سان کاڌي ويندي آهي، جيڪا نهايت لذيذ ٿيندي آهي. پيٺل ڪڻڪ جي اٽي مان ڇاڻ ڪڍي، باقي بچيل اٽي کي ’ميدو‘ چئبو آهي.
عام ماني گهڻو ڪري ڪڻڪ جي اٽي يا ميدي مان ٺهندي آهي. ڪڻڪ جو اٽو گهڻو ڪري آمريڪا، ڪئناڊا، اولهه يورپ، پاڪستان ۽ هندستان ۾ ٿيندو آهي.
جوئر ۽ ٻاجهريءَ جو اٽو به پاڪستان ۽ هندستان جا ماڻهو ڪم آڻيندا آهن. ڪن علائقن ۾ چانورن، مڪائيءَ، چڻن، مٽرن ۽ مڱن جو اٽو به تيار ڪندا آهن، جيڪو ٻين کاڌن ۾ ڪم ايندو آهي.
ڪڻڪ جو اٽو بدن کي قوت ڏيندڙ ۽ رت پيدا ڪندڙ آهي. ان اٽي مان نشاستو به ٺهندو آهي. گهريلو ٽوٽڪو آهي ته اَٽي کي پاڻيءَ ۾ رڌي، لُپري ٺاهي، ڪنهن سخت ڳوڙهي ۽ سور واريءَ جاءِ تي ٻڌجي ته ان کي نرم ڪري، ڦاڙي، ڇُٽائي ٿو. اُن جو بُوسو (ڪَتر ۽ تُههَ) ڪوسو ڪري سوڄ واريءَ جاءِ تي ٽاڪور ڪجي ته مفيد آهي


وڪي پيڊيا.
http://en.wikipedia.org/wiki/Flour


لفظ اٽوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو