ساريون

ساريون

ساريون

ساريون

ساريون

ساريون

ساريون

ساريون: ساريون کاڌ خوراڪ جي مکيه فصلن ۾ شمار ٿين ٿيون. ڪڻڪ کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ سارين/ چانورن جو فصل سنڌ جي مختلف حصن ۾ پوکيو ويندو آهي. سال 2005ع ۽ 2006ع جي هڪ سروي موجب سنڌ جي آباد ايراضيءَ ۾ 593 هزار هيڪٽرن تي ساريون پوکيون ويون. اها شرح هر سال ساڳي قائم رهي ٿي، اُن ۾ اضافو به ٿئي ٿو ۽ سراسري طور 1800 ميٽرڪ ٽن پيداوار سارين جي ٿئي ٿي. ساريون خريف جو فصل آهن. بنگلاديش ۽ پاڪستان سميت ڀارت ۾ به سارين جو فصل ٿئي ٿو. سارين جون ڪيتريون ئي جنسون پوکيون وڃن ٿيون، جن مان ڪجهه نين جنسن جو تفصيل هتي ڏجي ٿو. (وڌيڪ ڏسندا: چانور، جلد 4).
سارين جون نيون جنسون: سنڌ ۾ 90 سيڪڙو ايراضيءَ تي ايري-6 ساريون پوکيون وڃن ٿيون. شروع ۾ يعني 1968ع ڌاري هنن سارين جو ٻج فلپائن مان گھرايو ويو هو، جڏهن ته ڊگھي عرصي تائين پوکجڻ سبب، هن ٻج ۾ نه فقط ٻين ٻجن جي ملاوت ٿي وئي آهي، بلڪ هن جنس ۾ خوردرو يا پاڻمرادو جنسن جا ٻوٽا به پيدا ٿي رهيا آهن، جن هن جنس جي معيار کي ڪافي متاثر ڪيو آهي. دنيا جي مارڪيٽ ۾ ايري چانورن جي کپت گھٽجي وئي آهي. ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ايري-6 جي جاءِ تي ڪي ٻيون نيون جنسون پوکي بيروني مارڪيٽ ۾ ٻين ملڪن وانگر اڳڀرو ٿجي ۽ وڌيڪ قيمت وصول ڪري ملڪ کي خوشحال بنائجي.
اسان وٽ جيڪي نيون جنسون متعارف ٿيون آهن، تن مان خاص سپر باسمتي، KS 385، شاداب ۽ طوبا (ڊي- آر- 92) آهن، جن جو تفصيلي ذڪر هيٺ ڪجي ٿو:
سپر باسمتي: هيءَ ڊگھي داڻي واري نهايت عمدي، نازڪ ۽ قيمتي جنس آهي. کائڻ ۾ بيحد لذيذ ۽ خوشبودار آهي. هيءَ اصل پنجاب جي جنس آهي، مگر ان کي سنڌ ۾ به پوکي سٺا نتيجا حاصل ڪيا ويا آهن. هن جنس جي ٻاهرئين مارڪيٽ ۾ تمام گھڻي کپت ۽ گھرج آهي. هن جنس جو ٻج اتر سنڌ ۾ 10 جون تي پوکي، ڏهين جولاءِ کان رونبو شروع ڪري، 20 جولاءِ تي ختم ڪري سگھجي ٿو. رونبي کان 10 ڏينهن کانپوءِ هن کي في ايڪڙ هڪ ٻوري ڊي. اي. پي ۽ اڌ ٻوري يوريا ڏيڻ گھرجي. هيءَ جنس قد ۾ ايريءَ کان ڊگھي ٿئي ٿي. في ايڪڙ پيداوار 35 کان 38 مڻ ڏئي ٿي. هن جنس جي بهتر پيداوار ۽ چانورن جو معيار ۽ ملهه حاصل ڪرڻ لاءِ، هن جنس جي لاب بعد 10 ڏينهن اندر سَٽ ڪجي ٿي.
KS-385: هيءَ جنس به پنجاب جي پيدا ڪيل آهي. هن جو چانور بيحد لذيذ ۽ خوشبودار ٿئي ٿو. هن جي پوکيءَ جو طريقو به ساڳيو سپر باسمتيءَ وارو آهي. سنڌ ۾ هيءَ جنس هاڻي گھڻي ڀاڱي پوکي وڃي ٿي، جيڪا نتيجي ۾ 37 کان 40 مڻ في ايڪڙ ڏئي ٿي.
شاداب: سارين جي هيءَ جنس ٽنڊي ڄام فارم تي ايٽامڪ انرجي يا نيا (NIA) پيدا ڪئي آهي. هن جو چانور ايري- 6 جي ڀيٽ ۾ سنهو ۽ ڊگھو ٿئي ٿو، جنهن ڪري هن کي مارڪيٽ ۾، ايري- 6 کان وڌيڪ قيمت ملي ٿي. هن جنس کي به ايري- 6 وانگر پوکيو وڃي ٿو ۽ تمام سٺا نتيجا حاصل ڪيا وڃن ٿا.
طوبا (ڊي- آر- 92): هيءَ جنس ڏوڪري فارم تان ڪڍي وئي آهي، هڪ اندازي موجب هيءَ جنس ايري-6 جو سٺو بدل ثابت ٿي آهي. هن جو چانور ايري-6 کان گھڻو سٺو ۽ پيداوار ۾ پڻ وڌيڪ ٿئي ٿو. هن جي پوکيءَ جو به ساڳيو ئي طريقو ٿئي ٿو، جيڪو ايري-6 جو ٿئي ٿو.
(وڌيڪ ڏسو: چانور، جلد: 4).


لفظ ساريونھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو