جهار

جهار

جهار

جهار: جهار انهن پکين کي چئبو آهي، جيڪي پوک پچڻ جي مند ۾ اچي داڻيدار سنگن تي ويهندا آهن ۽ ڪچڙو اَنُ چڳندا آهن. جهار ۾ جهرڪيون، طوطا، ٻوڙيون، وهيا، ڪانوَ، ڪٻرون ۽ ٻيا پکي شامل هوندا آهن. جيڪڏهن جهار نه هڪلبي ته پوک جو اَنُ کاڄي ويندو. جهار هڪلڻ لاءِ کانڀاڻي ۽ ٽاٽ ڪم آڻيندا آهن. جتي پکي سنگن تي ويهندا آهن، اتي کانڀاڻيءَ مان مٽيءَ جا گليلا اُڇلي، پکين کي ڀڄائبو آهي، جڏهن ته جهار گهڻي هئڻ جي صورت ۾ ٽاٽ سان وڏا ٺڪاءَ به ڪبا آهن، جنهن ڪري جهار اُڏامي ويندي آهي.
ٻيجاري يا ڪورڙ پوک جي به جهار هڪلبي آهي ته جيئن پکي ڇٽيل ٻج چُڳي ۽ سلا پٽي نه وڃن. جهار هڪلڻ لاءِ پوک ۾ پيهو ٺاهبو آهي، جنهن تي ويهي جهار هڪلبي آهي. (وڌيڪ ڏسو: پيهو، جلد ٽيون).


لفظ جهارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو