ڏيو

ڏيو (مڇي): ڏيو کاري مڇيءَ جو هڪ قسم آهي، جيڪو اڀرندي آفريڪا ۾ قدرتي طور ٿئي ٿو. هيءَ مڇي صرف کاري پاڻيءَ ۾ رهي سگهي ٿي. هيءَ وچولي ماپ جي مڇي آهي. هن جو مٿو تمام وڏو ٿئي ٿو، جنهن جو منهن مٿئين طرف کلي ٿو ۽ هن جون اکيون وڏيون ٿين ٿيون، جيڪي مٿي جي اڳئين طرف آهن. پُٺيءَ وٽ هڪ ڪنڊائون پنکڙو ٿيندو اٿس، جيڪو منهن جي موڙ کان پڇ ڳنيءَ تائين ٿئي ٿو، جنهن ۾ تقريباً 15 چڀندڙ ۽ 10 ٻيا ڪنڊا ٿيندا آهن. هن کي ڪلهي وٽ به هڪ پنک ٿئي ٿو، جنهن کي ڇاتيءَ واري کنڀڙاٽي چئجي ٿو، جنهن ۾ سنها ڪنڊا ٿين ٿا. انهيءَ کنڀڙاٽيءَ کان هيٺئين طرف هڪ اُماڇي کنڀڙاٽي به ٿئي ٿي، جنهن ۾ پڻ ڪنڊا ٿين ٿا. هن کي هڪ ٻي کنڀڙاٽي هيٺئين حصي ۾ ٿيندي آهي، جنهن کي پوئين پولهه واري کنڀڙاٽي چئجي ٿو، جيڪا پڇ ڳنيءَ تائين ٿئي ٿي، جنهن ۾ ٽي چڀندڙ ۽ 8 ٻيا ڪنڊا ٿيندا آهن. هن مڇيءَ جو رنگ بادامي يا مٽيءَ جهڙو ٿئي ٿو. جڏهن ته هيٺين پنکڙين جو رنگ ڳاڙهسرو ٿيندو اٿس. لڳ وارن ڏينهن ۾ نر جو رنگ نيرو يا آسماني ۽ ماديءَ جو رنگ چمڪدار ٿي وڃي ٿو. هيءَ مڇي هر قسم جي خوراڪ، پاڻيءَ جا جيت، ٻوٽا وغيره کائي ٿي، پر بنيادي طور هيءَ سبزي خور مڇي آهي. هيءَ مڇي سال ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٽي دفعا آنا ڏيندي آهي. آنن مان ٻچا نڪرڻ کان پوءِ انهن جي پرورش مادي مڇيءَ جي منهن ۾ ٿيندي آهي ۽ اهي وقفي وقفي سان منهن مان ٻاهر نڪرندا رهن ٿا. جڏهن ٻچا پاڻڀرا ٿيندا آهن ته اهي ماديءَ کي ڇڏي آزاد زندگيءَ جو آغاز ڪندا آهن. هن مڇيءَ کي صرف اهڙن تلائن يا ڍنڍن ۾ پالڻ گهرجي، جتي عام مڇيون نه رهي سگهنديون هجن. خاص طور هيءَ کاري پاڻيءَ لاءِ موزون آهي. هي مڇي ننڍي ۽ ان جي گوشت ۾ ڪنڊا وڌيڪ ٿين ٿا. پاڪستان ۾ هن مڇيءَ جي ماپ 30 سينٽي ميٽر ۽ وزن 206 گرام ڏٺو ويو آهي.


لفظ ڏيوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو