ڊانگرو

ڊانگرو

ڊانگرو

ڊانگرو (مڇي): هن سامونڊي مڇيءَ کي Barramundi/ Lates Calcarifer چوندا آهن. هي مڇي پئسفڪ سمنڊ کان وٺي عربي سمنڊ تائين عام جام ملي ٿي. هن مڇيءَ جو ذڪر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سنڌ جي سامونڊي مڇين واري ڪتاب ’کاري جي مڇي‘ ۾ ڪيو آهي. هي مڇي وچولين وڏين مڇين ۾ شمار ٿئي ٿي. هن جي ڊيگهه 6 فوٽن تائين به ڏٺي وئي آهي. هن جو بدن هيٺ سڌو، پر مٿي گولائون آهي، جيڪو مٿينءَ پنکڙيءَ کان پوءِ لهوارو ٿي منڍيءَ سان ملي ٿو. هن جي منڍي عام ڇيلري مڇين کان مختلف، پر ڄرڪي سان مشابهت رکي ٿي. هن جو وات چپترو وڏو ۽ ويڪرو ٿئي ٿو. هن جي وات جي صفا مٿان گول گول ڪاريون اکيون ٿين ٿيون. هن مڇيءَ کي ڪنهڙ وٽ ساڄي کاٻي ٻه پنکڙا ٿين ٿا، جن جا ڪنڊا وکريل هوندا آهن. هن مڇيءَ کي وات جي هيٺينءَ پاسي هڪ سخت ڪنڊو ٿيندو آهي، جيڪو خطري مهل استعمال ڪندي آهي. سڄي بت تي ڇلر وريل اٿس، جيڪي سڀ اڇا چلڪڻا، پر مختلف پاڻين جي ڪري ڪارسرا ساوا به ڏسڻ ۾ ايندا آهن. انهن تي بي ترتيب چٽا به ٿين ٿا، جيئن چِٽي مڇيءَ تي ٿيندا آهن. هن جو منڍيءَ کان مٿي وارو حصو ويڪر ۾ سٻرو ٿيندو آهي. هن کي هيٺان ٻه عدد هڪٻئي جي سامهون پنکڙا ٿيندا آهن. هڪ پنکڙو ٻيڙي- ڪنڊي نموني جو ٿئي ٿو، جنهن کي پولهه- پنکڙو (Anal Fin) چوندا آهن. اهو ڪافي ويڪرو ۽ ان جا ڪنڊا هڪٻئي سان ڳتيل ٿيندا آهن. هن جي پڇ وٽ ڳني (Candal Peducle) چڱي ڊگهي ۽ ويڪري ٿئي ٿي، جڏهن ته پڇ (Candle Fin) ٻه ڇانگو ۽ ڪنڊن سان ڳتيل ٿئي ٿو. هيءَ مڇي ڇلرن جي سٽاءَ ۾ ديو مڇيءَ جهڙي آهي، پر ديو صفا ننڍي مڇي ٿيندي آهي. ديو به اصل سامونڊي مڇي آهي. هي به آهي ته سامونڊي مڇي، پر سمنڊ مان چاڙهه ڪري مٺي تي به ايندي آهي، دنيا جي هر حصي ۾ ملندي آهي. هن جو گذر ڄرڪي وانگر ننڍين مڇين ۽ جيتن جڻين تي آهي. ننڍا ننڍا گانگٽ سندس مرغوب غذا آهن. چوماسي جي مند ۾ نر ڊانگرا مختلف هنڌن تان مادي مڇين جي پويان پوندا آهن ۽ مادين سان وڙهندي وڙهندي لڳ ڪندا آهن. مادي آني ڪندي آهي. مادي، پاڻيءَ جي گوڇارن ۾ آنا لاهيندي آهي ۽ سندن سنڀال ڪندي آهي. سنڌ ۾ هيءَ مڇي وڌ ۾ وڌ پنجن ڪلوگرامن تائين ملي ٿي. آسٽريليا ۽ ملائيشيا ۾ هي مڇي تلائن ۾ رکي وڃي ٿي، پر اسان وٽ هن کي پالڻ جو رواج اڃا نه پيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو