ڇيلري

ڇيلري

ڇيلري

ڇيلري (مڇي): مٺي توڙي کاري پاڻيءَ ۾ مڇيءَ جا ٻه قسم ٿين ٿا. هڪ ’ليئي‘ مڇي، جنهن تي ڇلر ڪونه ٿين. جيئن: ڄرڪو، پاپليٽ، سينڱاري، گوج، لهڙ، کڳو وغيره. ٻي ڇيلري معنيٰ ڇلرن واري مڇي. جيئن موراکو، پلو، ٿيلهي، ڪُرڙو، شاڪُر وغيره. مڇين جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته ڇلر، کل ۽ ماس جي وچ مان نڪرن ٿا. مختلف مڇين ۾ مختلف رنگن، نمونن، ترتيب، ۽ ڊيگهه ويڪر جا ڇلر ملن ٿا. ڇلر گهڻو ڪري گول يا بيضوي آڪار جا ٿيندا آهن، پر عام طور پٺيءَ جي ڪنڊي تي ننڍا ڇلر ٿين، جڏهن ته ٻنهي پاسن کان هڪٻئي جي مٿان سٿيل وڏا ڇلر ٿين. منڍيءَ کان هيٺ ويندي، پُڇ واري حصي تي تمام ننڍا ڇلر ٿيندا آهن. جسم جي مختلف هنڌن تي به سندن رنگ تبديل هوندو آهي. جيئن ڪُرڙيءَ جي پٺيءَ تي ڪارا، بت تي ڪارا چاندي مائل رنگ جا ۽ هيٺ اڇا چلڪڻا ڇلر ٿين ٿا، جيئن ته مڇي ترڻ مهل ور وڪڙ کائيندي آهي ۽ سندس بت ۾ خاص قسم جو لچڪو پيدا ٿيندو آهي. ان ڪري ڇلر، ڇيلري مڇين ۾ مخصوص لچڪو پيدا ڪرڻ ۾ مدد ڪندا آهن، جيڪو ’ليئي‘ مڇيءَ جي ترڻ مهل پيدا ٿيل لچڪي کان مختلف هوندو آهي. مڇيءَ جا ڇلر نانگ جي ڇلرن کان مختلف ٿيندا آهن، جو اهي هڪٻئي مٿان سٿيل هوندا آهن، پر ڳنڍيل نه هوندا آهن. ڇلرن جي سَٿ ڪنڊي کان تري تائين ۽ منڍيءَ کان پُڇ تائين سِڌ ۾ هوندي آهي. ڇلر ترڻ مهل مڇيءَ کي درياهه يا سمنڊ ۾ موجود نباتاتي ڪنڊن ۽ مختلف آبي حيات جي حملي کان بچاءُ جو ڪم ڏيڻ کانسواءِ سندس تيراڪيءَ ۾ هڪ مخصوص زاويو قائم رکڻ ۾ مدد ڪندا آهن. ڇيلري مڇيءَ جو گوشت، ليئي مڇيءَ جي گوشت کان پڪو، ۽ ان جا اوڄا مضبوط ٿيندا آهن. توڙي جو سندس ڏائو (ڪانڊو) پاسو ڪنڊائون ٿئي ٿو.
ڇيلري مڇيءَ کي ڇهه کنڀڙا ۽ ستون پُڇ ٿيندو آهي. اهي کنڀڙا کيس هڪ جاءِ تي بيهڻ، اڳتي پوئتي ٿيڻ، هلڻ، ڦِرڻ گهرڻ ۾ مدد ڪندا آهن. هنن کي پکرا به چوندا آهن. ڇيلري مڇيءَ کي ٻه پکرا آڏو ڪلهي يا ڪَڇن وارا ٻين کان ڪي قدر وڏا ۽ مضبوط ٿيندا آهن، انهن کي ڪَرَم چوندا آهن. اهي ڪرم به مڇيءَ کي هلڻ ۽ ڀڄڻ کانسواءِ هڪ جاءِ تي بيهڻ ۾ به مدد ڪندا آهن. ٻه پکرا پُڇ واري پاسي پيٽ جي هيٺان ٿيندا آهن، جيڪي ٽنگن جو ڪم ڏيندا آهن. پنجون پکرو هيٺان دُن وٽ ٿيندو آهي. ڇهون پکرو پٺيءَ يا ڦڻيءَ جي مٿان ٿيندو آهي، جيڪو سخت ڏانڊيءَ مثل ٿئي. ڇيلري مڇيءَ جو پڇ چوٽيءَ ۾ چيرائون، ٻه ڦاڪو ۽ ڪنڊن سان ٿئي. هيٺيون مڇيون ڇيلري مڇيءَ ۾ شمار ٿين ٿيون:
(1) ٻٽي يا ڦندڻي، (2) پٽراس، (3) پلي، پلئي، (4) پليئڙو، (5) پوپري، (6) ٽپڙي، (7) ٽڪر، (8) ٽيڪڻ، (9)دوٿر، (10) ٿيلهي، (11) چٽڙو، (12) ڇالي، (13)، ڇوڇي، (14) دانر، (15) دَجو، (16) دَرو، (17) دئي، (18) پلو، (19) ڪرڙو، (20) موراکو، (21) گلفام، (22) ديفر، (23) ديو، (24) ڏاهي، (25) ڏنڀرو، (26) ڊُولرو، (27) ڊينڊ، (28) سرلو، (29) سرهيو، (30) سُريو، (31) سڻي، (32) شاڪر، (33) ڦاڦونڊي، (34) ڦندڻي، (35) ڪانڊيري، (36) ڪرال، (37) ڪُرڙي، (38) ڳاٽيرو، (39) گانگٽ، (40) گائريا گائنرو، (41) گندڻي، (42) گلي، (43) گولي، (44) مري، (45) مُڪر، (46) مُنڍي، (47) وانچي، (48) وونچ، (40) وهڙ يا وِهرو وغيره.


لفظ ڇيلريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو