مڇي

مڇي

ٽرائوٽ

ٽرائوٽ(Trout):مڇيءَ جو قسم جيڪو اصل برطانيه جو آهي. پر ان کي پاڪستان جي مختلف ڍنڍن ۽ تلائن ۾ وجھي ان جي پرورش ڪئي وئي آهي. سڄي دنيا ۾ سندس کائڻ واري لذت مشهور آهي. ٽرائوٽ مڇي جي مٿين ۽ پوين پر-پنکڙن تي ڳاڙها ۽ ڪارا ٽڪڙا ٿين ٿا. ڪرنگھي واري لڪير جي هيٺان به ڪارڙا ٽڪڙا موجود هوندا آهن. جسم جي هيٺئين حصي جو رنگ خاڪستري هوندو آهي. هن جو جسم ننڍو مگر مضبوط ٿئي. ٻوري ڇاڻڻ جي مند ۾ نر ۽ مادي سڃاپجي سگھندا آهن؛ عام حالت ۾ سڃاڻڻ محال آهي. هونئن نر ٽرائوٽ جي وات جو مٿيون چپ ڪجهه ٻاهر نڪتل هوندو آهي, ليڪن مادي جو وات ائين ڪونه هوندو آهي. نر جو رنگ زياده گھرو هوندو آهي ۽ ماديءَ جو رنگ چمڪيدار ٿئي ٿو. ٻن سالن جي عمر ۾ ٻوري ڪري ٿي انهي وقت سندس ڊيگھه ڪا اٺ انچ کن هوندي آهي. پر چئن کان ڇهن سالن واري هيءَ مڇي افزائش ۾ بهترين نتيجا ڏئي ٿي. آنن لاهڻ جو وقت ڊسمبر کان فيبروري اٿس. هيءَ مڇي عمر ۽ لمبائي جي لحاظ سان هڪ ئي وقت ٽن سون کان پندرهن سو آنا لاهيندي آهي. جيڪي عام مڇي جي آنن کان ڪجهه وڏا، هڪ انچ جي ڇهين حصي برابر هوندا آهن. تن جو رنگ زردي مائل يا هلڪو ڳاڙهيسرو ٿيندو آهي. هيءَ مڇي پاڻي ۾ ڪنارن وٽ پٿرن جي اندر کڏو ڪري آني لاهي انهن کي واريءَ سان ڍڪي ڇڏيندي آهي. جيڪي چاليهن کان ستر ڏينهن جي اندر ڦٽي نڪرندا آهن. برصغير ۾ هن مڇي جا ٻچا پهريون ڀيرو 1870ع ۾ نيل گري جي جابلو چشمن ۽ ندين ۾ وڌايا ويا هئا. مڇي پالنا واري کاتي طرفان ڪنهار ندي جي 35 ميل جي پٿر کان 84 ميل جي پٿر تائين هن مڇي کي پاليو وڃي ٿو ۽ رک ڪئي وڃي ٿي.


لفظ ٽرائوٽھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو