ڏِمَڻ

ڏِمَڻ (مڇي): ڏمڻ درياهي مڇي آهي. ڏسڻ ۾ ڄرڪي جهڙي آهي، مُنڍي ٿلهي اٿس. هن جي ننڍي قسم کي ڊمڻ چوندا آهن جيڪا گرانٺ جيڏي ٿيندي آهي. ڏمڻ مڇي آني ڪري ٿي. ان جو رنگ ڳاڙهسرو ٿئي ٿو، ٻيءَ صورت ۾ صفا ڄرڪي جهڙي ٿيندي آهي. تور ۾ پاءُ سوا ٿئي ٿي ۽ عام ڍنڍن ۾ ملي ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو