ڇوڏي2

ڇوڏي (مڇي): هيءَ سمنڊ جي ڇيلري مڇين جي نسل مان آهي. هن جا ڇلر ڪارڙا چانديءَ جي چمڪي جهڙا ٿين ٿا. اڇو چمڪو وڌيڪ هجڻ سبب رنگ اڇو نظر ايندو اٿس. هن مڇيءَ جا ڇلر سنها ٿيندا آهن. ڇوڏي مڇيءَ جا ٽي قسم آهن: (1) وڏي ڇوڏي: هن جي ڊيگهه ڏيڍ فوٽ کن ٿئي، وزن ٽن کان چئن ڪلو تائين به ٿيندو اٿس. نر ۽ ماد ۾ ڪو خاص فرق نه آهي. مادي آني ڪندي آهي، جيڪا پلي جي آنيءَ کان وڏي ۽ پلي جي آنيءَ جهڙي لذيذ ٿئي ٿي. (2) ڀوري ڇوڏي: هن جا ڇلر ڀوري رنگ جا ٿين ۽ وڏي ڇوڏيءَ کان ٿوري ننڍي يعني هڪ فوٽ کن جي ٿيندي آهي. وزن ۾ 2 ڪلوگرام کان مٿي ڪانه ٿيندي آهي. هن جي مادي آني ڪندي آهي. (3) بڙ ڇوڏي: هيءُ ڇوڏي مڇيءَ جو ننڍي ۾ ننڍو قسم ٿئي، ائين چئجي ته هي ڇوڏيءَ جو ٻچو آهي، جيڪو بچي سو وڌي، باقي وڏين مڇين جو کاڄ ٿئي. سامونڊي مڇيءَ جو هيءُ قسم، پلي، ڍانگري، کڳي، دوٿر وغيره وانگر کاري مان مٺي پاڻيءَ تي چڙهي ٿو. پر درياهه جي لهڻ کان اڳ واپس سمنڊ ۾ موٽي وڃي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو