پِٿون

پِٿون: مڇيءَ جو هڪ قسم، جيڪا بنا ڪنڊي ٿيندي آهي. هيءَ مڇي ڊيگهه ۾ ڏيڍ فوٽ کن، کاڌي ۾ نهايت لذيذ، ٽن رنگن جي ٿيندي آهي، جنهن جو رنگ اڇو، ڪارو ۽ ميرانجهڙو ٿيندو آهي. هيءَ سامونڊي مڇي آهي، جنهن جا ٻه مکيه قسم آهن: ڪاري ۽ اڇي، ڪاري پٿون وڏي، ڊيگهه ۾ هڪ فوٽ ۽ تور ٻه ڪلو ٿئي. ٻي اڇي پٿون، جنهن جا ٻه نمونا ٿين: هڪ گپڙ يا ڪٻري، جيڪا وڏي ٿئي ٿي، تور ۾ ڏيڍ يا ٻه ڪلو ٿئي، ٻي اڇي ۽ ننڍي، جيڪا ڊيگهه ۾ منو فوٽ ۽ تور ۾ هڪ ڪلو ٿيندي آهي.


لفظ پِٿونھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو