ڊيل

ڊيل

ڊيل

ڊيل (Hencock): ڊيل، مور (Peacock) جي ماديءَ کي چئبو آهي. بالغ ڊيل خاڪي يا ڀوري رنگ جي ٿيندي آهي. ڊيل جڏهن ڦوهه وهيءَ ۾ ايندي آهي ته هلڪي سائي، ڀوري ۽ خاڪي رنگ جي ٿي ويندي آهي. هن جو پڇ ننڍو ٿيندو آهي، جڏهن ته مور جو پڇ ڊگهو ٿيندو آهي، جنهن ۾ اک جي ٽِڪين جهڙا ڊگها کنڀ ٿيندا آهن. ڊيل ٻچن کي خطري وقت کنڀن ۾ لِڪائيندي آهي. مور ۽ ڊيلون، دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ته ٿين ٿا، پر ڏکڻ ايشيا ۽ خاص ڪري ٿر/ ڪارونجهر جبل (سنڌ) هنن جي پسنديده جوءِ آهي. مور، هند سنڌ جو قومي پکي آهي. لڳ جي موسم ۾ ڊيلون ۽ مور وڏي آواز ۾ رڙيون ڪندا آهن. هنن جو کاڌو ٻوٽن جا حصا، گلن جون پتيون، ٻج، زميني ۽ ريڙهيون پائيندڙ جيت هوندا آهن.
حڪيمن موجب ڊيل جو گوشت رت وڌائڻ، بدن کي ٿلهي ڪرڻ، فالج ۽ لقوي لاِءِ فائديمند آهي. ان کانسواءِ دستن کي بند ڪرڻ، جگر، معدي، سيني ۽ دماغ جي سرديءَ توڙي سائيءَ ۽ مرگهيءَ ۾ فائديمند آهي. ڊيل جو پِتو اک جي طاقت خاص ڪري شبڪوري، ڦُلي ۽ خارش ۾ فائدو رسائيندو آهي.


لفظ ڊيلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو