فالج

فالج: هن مرض کي سنڌيءَ ۾ ’اڌ رنگ‘ ۽ طبي ٻوليءَ ۾ ’Paralysis‘ چيو ويندو آهي.هي هڪ اهڙي بيماري آهي، جنھن ۾ جسم جو ڪو به هڪ حصو اوچتو ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيندو آهي. هن مرض جو تعلق رت جي شديد گهاٽي ٿيڻ يا ڄمي وڃڻ سان آهي. طبي تحقيق مان اها ڳالهه ثابت ٿي آهي ته جيڪڏهن فالج سان متاثر مريض کي فوري طور اسپتال وٺي وڃجي ۽ بروقت طبي امداد فراهم ڪجي ته موت ۽ معذوري کان بچڻ جا امڪان ڪافي حد تائين وڌي وڃن ٿا، ان ڪري ئي ورلڊ اسٽروڪ آرگنائيزيشن طرفان هر سال 29 آڪٽوبر تي فالج جو عالمي ڏينھن ملھايو ويندو آهي. جنھن جو مقصد ’Minutes can save lives‘ رکيل آهي. يعني چند منٽ زندگي بچائڻ جا ضامن ٿي سگهن ٿا. ڇاڪاڻ ته فالج جي حملي کانپوءِ جيئن جيئن دماغ جا خليا (نيوران) ختم ٿيڻ لڳن ٿا تيئن تيئن مرض جي ڳنڀيرتا وڌندي وڃي ٿي. ان کان علاوه فالج جي عالمي ڏينھن تي سڄي دنيا ۾ ان بيماري کان بچاءُ لاءِ جاڳرتا مھم پڻ هلائي وڃي ٿي. فالج جا بنيادي ٻه قسم: Ischemic ۽ Hemorrhagic آهن. پھرئين قسم ۾ رت جي نالي (نس) ۾ رت گهاٽو ٿيڻ يا ڄمي وڃڻ سبب رڪاوٽ پيدا ٿئي ٿي ۽ گهربل مقدار ۾ دماغ تائين رت جي فراهمي نه ٿيڻ ڪري جسم جو ڪو به هڪ حصو مفلوج ٿي ويندو آهي، جڏهن ته ٻئي قسم ۾ دماغ کي رت فراهم ڪندڙ شريان ڦاٽي پوڻ جي نتيجي ۾ فالج ٿئي ٿو. سڄي دنيا ۾ فالج جي علامتن متعلق آگاهي ڏيڻ لاءِ هڪ لفظ Fast (فاسٽ) جو استعمال ٿئي ٿو، جنھن ۾ F مان مراد چھرو يا منھن آهي. فالج جي حملي جي صورت ۾ اوچتو منھن جي بيھڪ/ساخت ۾ تبديلي اچڻ لڳي ٿي يا سڄو چھرو هڪ طرف لڙڪي پوي ٿو. A مان مراد آرم(ٻانھن) آهي، ٻانھن ۾ ڪمزوري، ايتريقدر ٻانھن مان طاقت بلڪل ختم ٿي وئي هجي. S مان مراد اسپيچ (ڳالهه ٻولهه) يعني ڳالهائڻ ۾ دشواري،لفظن ۽ جملن جي ادائگيءَ ۾ رنڊڪ محسوس ٿئي ٿي. T مان مراد ٽائيم(وقت) آهي، جنھن جو مطلب فالج جي حملي کانپوءِ وقت ضايع ڪرڻ کانسواءِ فوري طبي امداد حاصل ڪرڻ آهي. فالج جو اثر طويل توڙي مختصر مدت لاءِ ٿي سگهي ٿو، جنھن جو آڌار ان ڳالهه تي آهي ته دماغ جو ڪھڙو حصو فالج سان متاثر ٿيو ۽ ان جو علاج ڪيترو جلدي شروع ڪيو ويو. عام طور تي فالج جي حملي کان بچڻ جي باوجود مريض سڄي عمر مختلف طبي مسئلن کي منھن ڏين ٿا، جن ۾ گهمڻ ڦرڻ يا ڳالهائڻ ۾ معذوري جي شرح وڌيڪ آهي. ڪجهه ڪيسن ۾ سوچڻ سمجهڻ جي صلاحيت ۽ احساس به متاثر ٿين ٿا. فالج جي بنيادي سببن ۾ رت جي نالين جو سڪڙجي وڃڻ، تماڪ واپرائڻ، غير متوازن غذا جو استعمال، هاءِ بلڊپريشر ، نشو ڪرڻ، دل جي ڌڙڪي ۾ بي ترتيبي، اضافي چرٻي جو وڌي وڃڻ، ٿولهه، ذهني ۽ نفسياتي بيماريون، دٻاءَ يا موروثي بيماريون وغيره شامل آهن. ڪجهه ڪيسن ۾ ماحولياتي تبديليون پڻ فالج جو ڪارڻ بڻجن ٿيون، جيئن 2019ع ۾ ڪووڊ-19 جي ڦهلاءُ سبب به فالج جا ڪيس وڌيا هئا.


لفظ فالجھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو