سرڻو

سرڻو: هي هڪ قسم جي بيماري آهي، جيڪا منهن تي ٿيندي آهي. هي بيماري ٻارن توڙي وڏن جي منهن تي اوچتو ظاهر ٿيندي آهي، هن بيماري جي ٿيڻ سبب چهري تي خارش ٿيندي آهي ۽ سڄو چهرو سُڄي پوندو آهي، پر سور نه ٿيندو آهي. هن بيماري ۾ سرهاڻ گهوٽي، سفوف ڪري منهن تي هنئي ويندي آهي ۽ نازبوءِ جا پن هٿن سان مهٽي چهري تي مليا ويندا آهن. ان کانسواءِ عطر ۽ ٻين خوشبودار شين جي خوشبو لڳائي ويندي آهي.


لفظ سرڻوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو