ٿوم

ٿوم

ٿوم

ٿُوم(Allivum Sativum) (Galir):هيءَ هڪ قسم جي خوشبوءَ دار اوڀڙ آهي، جيڪا گهڻو ڪري، هر قسم جي ڀاڄيءَ ۾ ڪم ايندي آهي. حڪيمن موجب ٿوم جو تاثير گرم خشڪ آهي. معدي جي خراب جيوڙن کي مارڻ، بدن کي گرم رکڻ لاءِ بهترين علاج سمجهبي آهي. موجوده دور ۾ ڊاڪٽر ٿوم کي رت جي دوري کي درست رکڻ لاءِ ۽ دل جي مريضن لاءِ مفيد چون ٿا. ٿوم، نانگ، بلا ۽ وڇونءَ جي زهر کي دفع ڪرڻ لاءِ پڻ اڪسير آهي. تازي يا سُڪل ٿوم، گهڻين ئي بيمارين لاءِ فائدو ڏيندڙ آهي.
ٿوم، دنيا جي پراڻن فصلن مان هڪ آهي. هن فصل جي ابتدا ڪي ايشيا مان ته ڪي وچ ايشيا مان ڄاڻائين ٿا، جتان پوءِ هيءُ فصل دنيا جي مختلف علائقن اندر پکڙجي ويو. هن فصل کي واڌ ويجهه لاءِ ٿڌي مند جي ضرورت هوندي آهي. ٻوٽي جي واڌ، ويجهه لاءِ ننڍن ڏينهن ۽ وڏين راتين جي ۽ ٿوم جي ڳڙين جي واڌ ويجهه لاءِ وڏن ڏينهن ۽ ننڍين راتين جي ضرورت پوي ٿي. هن فصل جي آڳاٽي پوک سيپٽمبر کان شروع ٿئي ٿي ۽ نومبر تائين هلي ٿي. ٿوم جون ڳڙيون قطار ۾ پوکڻ گهرجن، گرم موسم ۾ پاڻي هر هفتي ۽ سرد موسم ۾ هر پندرهين ڏينهن کانپوءِ ڏجي.
چون ٿا ته ٿوم هاضمي واري نظام لاءِ فائديمند آهي. هيءُ بدن تي مثبت اثر پيدا ڪندي آهي، ۽ بدن جون زهريليون رطوبتون خارج ڪري، هاضمي وارين رطوبتن کي وڌائيندي آهي.
روس ۾ سنڌن ۽ جوڙن جي سور کي ختم ڪرڻ لاءِ ٿوم وڏي پيماني تي استعمال ڪئي ويندي آهي. برطانيه ۾ به ٿوم کي سنڌن جي سور جي علاج لاءِ تجويز ڪيو ويو آهي. تجربن ثابت ڪيو آهي ته ٿوم سوڄ، سنڌن ۽ جوڙن جي سور لاءِ اڪسير آهي. ٿوم جو سڀ کان بهترين استعمال، ڳڙين کي ڪچيءَ حالت ۾ چٻاڙڻ آهي. ٿوم کي ڇلي، سور وارن هنڌن تي مهٽڻ سان فائدو پهچندو آهي. جرمنيءَ ۾ تازي ڪيل تحقيق کان پوءِ ڊاڪٽرن دعويٰ ڪئي آهي ته ٿوم دل جو دؤرو ختم ڪرڻ ۾ پڻ مدد ڏئي ٿي، ٿوم، رت جي نالين ۾ ڪولسٽرول کي ٽوڙڻ ۾ مدد ڏئي ٿي؛ شريانين کي سخت ٿيڻ کان بچائيندي آهي، جنهنڪري بلڊ پريشر ۾ واڌارو ناهي ٿيندو ۽ دل جي دؤري جو خطرو ٽري ويندو آهي. دل جي دؤري کان پوءِ ٿوم جي استعمال سان ڪولسٽرول جي سطح گهٽجي ويندي آهي.
ٿوم جو جوهر ۽ رس، ڪئنسر خلاف به استعمال ڪيو ويو آهي ۽ ان ۾ ڪاميابي پڻ حاصل ٿي آهي. چمڙيءَ جي مختلف مرضن ۾ پڻ ٿوم جو استعمال ڪامياب علاج ثابت ٿيو آهي. موهيڙن تي ٿوم جون ڳڙيون مهٽڻ سان، موهيڙا گهٽجي ويندا آهن، جڏهن ته ٿوم جو پيش ڦٽ ڦرڙين کي ختم ڪري ٿو. ٿوم کي لاڳيتو هڪ مهيني تائين ڪُٽي، پاڻيءَ سان استعمال ڪرڻ سان رت صاف ٿي ويندو ۽ داڻا نه نڪرندا. ڳلي لاءِ ٿوم بهترين دوا سمجهي وڃي ٿي، ٿوم جي هڪ ڳڙيءَ کي مسلسل چٻاڙڻ سان ڳلي جو سُور ختم ٿيندو آهي. ڳلي جو مريض ٿوم جي ڳڙين کي آرام سان چٻاڙي سگهي ٿو، ڇوته ان جي سُنگهڻ ۽ ذائقي واري حِس معطل ٿي ويندي آهي. وڏيءَ کنگهه جي علاج لاءِ پڻ اڪسير آهي. هڪ چانهه وارو چمچو، ٿوم جي رس جو، روزانو ٽي ڀيرا استعمال ڪرڻ سان کنگهه ختم ٿي ويندي آهي.
کاڌي ۾، بوءِ وارين شين، جهڙوڪ: گوشت، مڇي ۽ ٻين سبزين ۾ ٿوم وجهڻ سان بوءِ ختم ٿئي ٿي. معدي کي قوت ڏئي، ريح جاري ڪري ٿي. فالج ۽ ٻين بيمارين لاءِ گهڻي مفيد آهي. چرند وار لاءِ، ٿوم، وارن واري هنڌ مهٽڻ سان وار ٻيهر ڦٽن ٿا. ٿوم جي پوک لاءِ زمين طاقت واري ۽ پاڻيءَ جي نيڪال واري هجي.


لفظ ٿومھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو