ڊملوٽي

ڊملوٽي

ڊملوٽي

ڊملوٽي: هيءُ ماڳ ڪراچيءَ ۾ ملير جي علائقي کان ڏهه ڪلوميٽر پري ٿڌو نديءَ جي پيٽ ۾ آهي. هتي قبرون، مندر ۽ کوهه آهي. هي ماڳ قبل مسيح دور جو ٻڌايو وڃي ٿو. هتي موجود قبرون پٿر مان گهڙيل آهن، جن مان هڪ تي ’شاهو‘ لفظ لکيل آهي. هتي پهريان هڪ کوهه هو، جنهن جي ڪپر تي پپر جو وڻ هو ۽ هندن جو تيرٿ هو. 1882ع ۾ انگريزن ٻيا ڏهه کوهه کوٽرائي ڪراچيءَ کي پاڻيءَ جي سپلاءِ ڪئي. 1942ع ۾ واٽر سپلاءِ جو وڏو منصوبو جوڙيو ويو. پپر جي وڻ وٽ هڪ غار هوندي هئي، جنهن کي بعد ۾ پٿرن سان بند ڪيو ويو. ان غار ۾ لڪشمي ديويءَ جي پوڄا ٿيندي هئي. ڊملوٽيءَ ۾ هڪ ٽڪريءَ تي کوکي نما پاهڻي قبرن جو ڪافي تعداد آهي. اهي قبرون گهڻو ڪري اوڀر اولهه مُنهيون آهن، مقامي پٿر مان ٺهيل قبرن جا پاهڻي تختا اڌ تائين زمين ۾ کتل آهن، جن جي مٿان پٿر جو تختو ڏئي قبرن کي بند ڪيو ويو آهي. قبرن جي اندران اندر ماپ ساڍا پنج انچ ۽ اڍائي فٽ آهي، ڪي قبرون هڪٻئي جي ويجهو ٺهيل آهن، پر پوءِ به فاصلو پنجن کان ڏهن فٽن تائين نظر اچي ٿو. هتان وٿن ۾ هڏن جا ٽڪر ۽ ٻيون شيون مليون آهن. قبرون ڏکڻ سنڌ ۽ هندستان جي ڪن قبرن سان ڀيٽبيون ته اهي 2 صدي ق.م جون ٿي سگهن ٿيون.


لفظ ڊملوٽيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو