ٽهائي

ٽهائي: : شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي تڪيي طور روهڙيءَ ۾ مشهور آهي. شاهه صاحب سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ جو سفر ڪري مشاهدا ماڻيا هئا. ان لاءِ ڪيترن هنڌن تي سندن تڪيا ملن ٿا. روهڙي شهر ۾ پڻ شاهه سائين ڪافي وقت رهيو. اتي اڄ به سندس آستانو موجود آهي، جنهن کي منگي خاندان سنڀاليندو پيو اچي. تڪيي يا آستاني تي شاهه سائين جي استعمال جون شيون، جن ۾: جبو مبارڪ، وار مبارڪ، لٺ ۽ ڪونئري جيڪي سندن استعمال ۾ رهيا، انهن جو ديدار هر سال شاهه سائين جي ميلي تي ڪرايو ويندو آهي. ٽين پتي کي به ٽهائي سڏبو آهي. پهاڪو آهي: ”منهنجي ان ۾ پتي ڪا ٽهائي


لفظ ٽهائيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو