پورچوگيز

پورچوگيز: پورچوگيز قوم اولهه يورپ جي هڪ ننڍڙي ملڪ پورچوگال/ پرتگال (Portugal) جي رهواسي آهي، جيڪو ملڪ اسپين (Spain) جي ڀر ۾ آهي. هن ملڪ کي تمام وڏو سامونڊي ڪنارو آهي، جنهنڪري پورچوگيز قوم جهازرانيءَ ۾ وڏي ترقي ڪئي. ابتدا ۾ اتر ائٽلانٽڪ مها ساگر (North Atlantic Ocean) ۾ سندن چرپر رهندي هئي. ان دؤر ۾ ايشيائي مصنوعات جي يورپي ملڪن ۾ وڏي هاڪ هئي، انهيءَ ڳالهه ٻين وڏين يورپي قومن فرينچن ۽ انگريزن وانگر پورچوگيزن کي به هرکايو. پندرهين صديءَ جي وچ ڌاري هيءَ قوم سڄي آفريڪي کنڊ جو ڦيرو ڏئي، انڊين مها ساگر (Indian Ocean) ۾ واپار سانگي اچي پهتي. هيءَ قوم عيسائي مذهب جي ڪئٿولڪ (Catholic) عقيدي جي پرچارڪ رهي آهي، جن جن علائقن ۾ سندن اثر رسوخ ٿيو، اتي هنن عيسائيت جي تبليغ ۽ پنهنجي عقيدي کي پکيڙڻ لاءِ طاقت جو به استعمال ڪيو. انڊين مهاساگر ۾ هنن اثر ۽ طاقت قائم رکڻ کانپوءِ چاهيو ٿي ته ننڍي کنڊ جي سمورن ملڪن جا واپاري پنهنجو سمورو وڻج وکر سندن حوالي ڪن ته جيئن هو اهو يورپ ۾ کڻي وڃي وڪرو ڪن. جڏهن ته ننڍي کنڊ جا بنيادي واپاري ناتا وچ اوڀر جي ملڪن سان هزارين سال پراڻا هئا. 2300 ق. م تائين سنڌوءَ جي صنعتي شهرن مان واپاري سامان نار وارن ملڪن ۾ پهچندو هو، ڏکڻ عراق جي شهرن، اُر (Ur) ۽ اروڪ (Uroke) سان گڏ بحرين (Behrain) ۽ فيلڪا (Falca) ۾ سنڌو سلطنت جون واپاري ڪوٺيون قائم هيون. اهڙيون ثابتيون انهن ملڪن جي قديم شهرن جي ڦٽل آثارن جي کوٽاين مان سنڌو مهرن (Indus Seals) جي دستيابي آهي. عراق جي حڪمران لارسا ٽئين 1800 ق. م ۾ سنڌ جي شهرن مان واپاري ٻيڙن جي پهچڻ جي خوشيءَ جي اظهار وارا لفظ چيا هئا، جيڪي ٺڪر جي تختين تي محفوظ آهن. اهڙن قديم ۽ تاريخي واپاري ناتن جي ڪري ننڍي کنڊ جي حڪومتن ۽ واپارين لاءِ ممڪن نه هو ته اهي پنهنجو واپاري سامان Middle man طور يورپ جي پوئتي پيل ملڪن جي قزاق صفت جهازين جي حوالي ڪن. پندرهين صديءَ تائين پورچوگيزين جي ارهه زوراين جي ڪري ترڪي، گجرات، ڪڇ ۽ سنڌ جي حڪومت کانئن سخت بيزار ٿي چڪي هئي. ترڪيءَ جي مسلمان خيلفي سليمان عاليشان جي حڪم تي مصر ۾ بيٺل سامونڊي ٻيڙي، گجرات جي حاڪم محمود بيگڙي، ڪڇ ۽ سنڌ جي بحري فوج سان گڏجي 1505ع ۾ عربي سمنڊ کي پورچوگيزين کان صاف ڪرڻ لاءِ ممبئيءَ ويجھو ”چال“ علائقي لڳ پورچوگيز حڪومت جي واپاري عيوضي ”فرئنسسڪو آلميڊا“ (Francisco Almeida) سان جنگ ڪئي، ان ۾ مسلمان رياستن جي گڏيل سامونڊي فوج سوڀ ماڻي. ڪجهه وقت کانپوءِ پورچوگيزين وڏي تياريءَ کانپوءِ جهوناڳڙهه جي سامونڊي ڪناري واري هڪ علائقي ”ڊيو“ (Diu) وٽ بيٺل گڏيل بحري فوج تي وڏو حملو ڪري، ان کي سخت نقصان پهچايو. 1508ع ۾ پورچوگيز حڪومت ”فرئنسسڪو الميڊا“ جي جڳهه تي ”الفانسو آلبوڪرڪ“ (Alphanso Albuquerque) کي هندستان جو واپاري عيوضي مقرر ڪيو، جنهن هندستان جي واپار تي قبضي رکڻ لاءِ ڏکڻ هندستان جي ڪيترن سامونڊي بندرن، ”گوا“ (Goa)، ”ڊيو“ (Due)، ڊمن (Daman) ۽ ٻين ساحلي علائقن تي قبضو ڪري ورتو. انهيءَ دوران وچ ايشيا ۾ سياسي عدم استحڪام عروج تي هو. ڪيترائي قبيلائي سردار نوان ملڪ فتح ڪرڻ ۽ پنهنجي قبيلائي اقتدار کي رياستي اقتدار ۾ تبديل ڪرڻ ۽ خونريزين ۾ رڌل هئا، فرغانه جي حاڪم عمر شيخ مرزا جو پٽ بابر هندستان فتح ڪري چڪو هو. اتر افغانستان جي ترڪ ۽ منگول سردارن، ۽ ايران جي شاهه اسماعيل صفويءَ جي فوجي مهمن جو وڏو سلسلو هلندڙ هو، جنهن ننڍي کنڊ جي ڪيترين ئي حڪومتن کي لوڏي ڇڏيو، انهن ملڪن فتح ڪرڻ وارين مهم جوئين جي ڪري پورچوگيزين جي ڦر لٽ وارين فوجي ارهه زوراين تي ڪوبه ڌيان نه ٿي ڏنو ويو. 1513ع تائين پورچوگيزي هرمز کاريءَ (Ormus Strait) تي مڪمل قبضو ڪري چڪا هئا ۽ وچ اوڀر سان ننڍي کنڊ ۽ خاص طور سنڌ جو واپار ناممڪن ٿي چڪو هو، انهيءَ قبضي جي ڪري واپار کي ڪاپاري ڌڪ لڳو ۽ ان جو رخ وچ اوڀر (Middle East) کان ڦري يورپ ڏانهن ٿي ويو. سمن جي دؤر جي اڪيلي ڏاهي انسان، فوجي سردار، واپاري، نهري ۽ زرعي ماهر دولهه دريا خان پورچوگيزي قزاقن جي ان مصيبت کي منهن ڏيڻ لاءِ سنڌوءَ جي هڪ ڇــاڙهه تـي هـڪ گـودي قـائـم ڪـري، پـورچـوگيـزين جي واپـاري ڦُـرلٽ کان سنڌ کي بچايو هو، لاهري بندر به اهڙي ئي هڪ ڪوشش جي ڪري ترقي ڪئي هئي
ڄام نظام الدين جي وفات 1512ع کان پوءِ وچ ايشيا ۾ اقتدار لاءِ فوجي مهم جوئيءَ واري سلسلي هيٺ سنڌ 1520ع ۾ ارغونن، ترخانن ۽ ان کان پوءِ مغلن جي حوالي ٿي وئي. ٺٽي شهر جي ڪپڙي، گھوڙن جي سنجن، نير (Indigo)، چمڙي جي سامان ۽ نفيس ململ (ڪليڪو) جي يورپ ۾ تمام گھڻي گهرج هئي، شاهه حسن ارغون 1555ع ۾ بي اولاد ٿي گذاري ويو، جنهن کانپوءِ سندس ٿڃ شريڪ ڀاءَ سلطان محمود ڪوڪلتاش اتر سنڌ ۽ مرزا عيسيٰ ترخان (پهرئين) ڏکڻ سنڌ ۾ ٺٽي تي پنهنجي حڪومت قائم ڪري ورتي. ميرزا عيسيٰ ترخان سلطان محمود ڪوڪلتاش سان مقابلي لاءِ عربي سمنڊ ۾ بيٺل پورچوگيزين جي بحري فوج کي مدد لاءِ گهرائي ورتو. پر سندن پهچڻ کان اڳ ۾ ئي ٻنهي ۾ صلح ٿي ويو، پورچوگيزي فوج جو اڳواڻ پيڊو روبئريٽو (Pedro Barreto) 21 ٻيڙن ۾ 700 بحري سپاهي وٺي ٺٽي پهتو. ان وقت ٺٽي جو حاڪم ميرزا عيسيٰ ترخان بکر طرف ويل هو، سندس پٽ پورچوگيزين کي سندس اچڻ تائين انتظار ڪرڻ لاءِ چيو، جنهن تي ”پيڊرو بئرُٽو“فوجي خرچ جي گھر ڪئي ۽ ڪجهه وقت انتظار ڪرڻ وارو جواب نه ملڻ تي ڏمريل پورچوگيزي لشڪر ٺٽي شهر ۾ ڪاهي پيو ۽ 8000 معصوم شهري ماريا ويا. سڄي ننگر شهر کي ڦرلٽ کانپوءِ باهه ڏئي ساڙيو ويو. پورچوگيزين جي پنهنجي رپورٽ موجب کين ڦرلٽ ۾ 20 لک پائونڊن (Two Million Pounds) جيتري دولت هٿ آئي، جنهن ۾ وڏي مقدار ۾ سون هو. هن قتل عام ۾ هڪ به پورچوگيزي نه مئو. اهو واقعو 963 هه/ 1555ع جو آهي، پورچوگيزي سپاهي ٺٽي جي عاليشان جڳهين مان ڪاشيءَ جون خوبصورت سرون به پٽائي کڻي ويا. اهو ايشيائي شهرن مان هن شهر جو وڏي ۾ وڏو قتلِ عام ۽ وڏي ۾ وڏي ڦرلٽ هئي. ان دور ۾ پورچوگيزي بحري قزاقن جي بدمعاشي ايتري وڌي وئي هئي، جو اهي مسلمان حاجين جي جهازن کان به راهداريءَ جي بهاني سان ڳريون رقمون وٺندا هئا. انهيءَ ڏچي کان هندستان جي بادشاهن جا خاندان به محفوظ نه هئا. ڪتاب ”همايون نامه“ جي ليکڪه گلبدن بيگم ۽ شاهي خاندان جون ڪجهه ٻيون عورتون 17 آڪٽوبر 1576ع تي حج لاءِ گجرات جي سورت بندر کان روانيون ٿيون، اپريل 1580ع ۾ واپس ورندي پورچوگيزين کين راهداريءَ جي رقم (ڀنگ) جي بهاني سان روڪي ڇڏيو، هو هڪ سال کان وڌيڪ عرصو عدن جي بندرگاهه تي رهي پيون، نيٺ ڪڇ جي راءِ جي مدد سان مارچ 1582ع ۾ سندن هندستان جي گاديءَ واري هنڌ ”فتح پور سيڪري“ واپس ورڻ ممڪن ٿيو. شاهه لطيف به ”سُر سامونڊي“ ۾ انهن پورچوگيزين جي ارهه زوراين ۽ سمنڊ ۾ واپاري ڦرلٽ بابت شعر چيا آهن:
مُـعَـلــم سـکاڻيـن کـي، اُڀـو ڪري ڳـال،
اوريــان انـگـريچي وڙهي، پري پورچ پالُ،
وِچ ۾ واگھيرن جي، چارئي پَهَرَ چالَ،
هيءَ مڏ پَهُچي مالُ، جو پاڻَ پرائو چاڙهئو.


لفظ پورچوگيزھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو