ترخان

ترخان: ترڪ خاندان جو نالو آهي، کين ترخاني مغل به چون ٿا. جيڪي چغتائين مان آهن. ترخانن سنڌ تي حڪومت به ڪئي آهي. ترخان حقيقت ۾ مغلن جي هڪ پاڙي جو نالو آهي ۽ سنڌ ۾ مغل ۽ ترخان پاڻ کي مرزا سڏائين ٿا. ترخان نالي جو پس منظر بيان ڪندي مير علي شير قانع ٺٽوي ۽ پير حسام الدين راشدي، لکن ٿا ته هڪ دفعي امير تيمور 18 سالن جي ڄمار ۾ پنهنجن مصاحبن سان شڪار تي نڪتو، رستي ۾ سخت مينهن ۽ طوفان لڳو، جنهنڪري تيمور ۽ ان جا ساٿي رستو ڀلجي پيا. سخت سيارو ۽ اونداهي رات هئي. رستي جي تلاش ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪندا رهيا، اوچتو کين جهنگ ۾ ماڻهن جا چند گهر ڏسڻ ۾ آيا. امير تيمور ۽ سندس ساٿي جڏهن انهن گهرن جي ويجهو پهتا، ته اتي جا رهاڪو کين چور سمجهي، ساڻن وڙهڻ لاءِ ٻاهر نڪتا، پر جلد ئي هنن امير تيمور کي سڃاتو ۽ کين پاڻ سان وٺي آيا. ان بعد کين زمين تي ويهاري، باهه ٻاري پنهنجي وت کان به وڌيڪ سندن خدمت ۽ مهمانداري ڪيائون. امير تيمور جڏهن 34 سالن جي عمر ۾ بادشاهيءَ تخت تي ويٺو ته انهن ماڻهن کي گهرائي مٿن حد کان وڌيڪ نوازشون ۽ مهربانيون ڪري کين ”ترخان“ جو خطاب ڏنائين. جنهن جي معنيٰ آهي، ”نوڪريءَ کان معافي ڏنل“، ”مطلق العنان“ يا ”بهادر“. ان کان پوءِ ڄاڻايل قبيلو ”ترخان“ جي لقب سان مشهور ٿيو ۽ ترخان قبيلو سندن ئي اولاد مان آهي.
ٻي روايت آهي ته جڏهن امير تيمور جي تقتمش خان سان لڙائي ٿي، تڏهن ساڳئي مٿئين قبيلي جو هڪ سردار ايڪوتمر نالي، امير تيمور جي طرف کان وڙهندي مارجي ويو. ان کان پوءِ امير تيمور جي نظر ۾ هن قبيلي جي وقعت وڌي وئي. جنهنڪري کين ”ترخون“ جو لقب ڏنائين، جيڪو اڳتي هلي ”ترخان“ بنجي ويو. سنڌ جا ترخان فرمانروا انهيءَ ”ايڪوتمر“ جي اولاد مان آهن.
ترخانه نامه جي مصنف لکيو آهي ته: امير ايڪوتمر، امير تيمور جي اميرن مان هو ۽ تقتمش خان واري جنگ ۾ تيمور طرفان وڙهندي قتل ٿيو هو. انهيءَ قربانيءَ جي طفيل تيمور سندس اولاد کي ”ترخان“ جو خطاب ڏنو. پنجاب ۾ ”ترخان“ واڍي کي چوندا آهن ۽ ان جو اچار ”ترکان“ ڪندا آهن .


لفظ ترخانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو