پلصراط

پلصراط: اسلامي عقيدي موجب آخرت جي ڏينهن حساب ڪتاب ٿيڻ جي ذمري ۾ ايندڙ هيءُ به هڪ آزمائشي مرحلو هوندو، جنهن کي پل صراط چئجي ٿو. پلصراط جهنم جي مٿان قيامت واري ڏينهن ٺاهي ويندي ۽ جيستائين ان تان نه گذربو، تيستائين ڪو به ماڻهو بهشت ۾ داخل نه ٿيندو. مستند ۽ معتبر حديثن ۾ لکيل آهي ته: ”پلصراط وار کان گهڻي سنهي ۽ تلوار کان گهڻي تيز ۽ باهه کان گهڻي گرم هوندي ۽ خالص مومن ان تان آسانيءَ سان گذري ويندا. ڪن کي ٿوري دشواري ٿيندي، پر اهي به نجات وارن مان ٿيندا ۽ گهڻائي ان تي هلڻ کان هلاڪ ٿي وڃي جهنم ۾ ڪرندا. پلصراط آخرت ۾ دنيا جي صراطِ مستقيم جو نمونو هوندي.“ علامه مجلسيرح لکي ٿو ته: ”پلصراط تان اهي ئي آسانيءَ سان لنگهي ويندا جيڪي دينِ حق ۽ محمد وآل محمد عليهم السلام جن جي ٻڌايل رستي تي قائم هوندا.“ اعتقادات“ ۾ ابن بابويه لکي ٿو ته: ”پلصراط بلڪل حق جي طرفان لازمي آهي ۽ اها جهنم جي مٿان هوندي، جنهن تان سڄي مخلوق کي لنگهڻو پوندو.“ هر مسلمان پلصراط کي پنهنجي لاءِ ڏکيو ۽ آسان هن جهان ۾ ئي بنائي ٿو. جنهن شخص هن دنيا ۾ صرف چڱا ڪم ڪيا هوندا ته اهو پلصراط تان آسانيءَ سان گذري وڃي بهشت ۾ پهچندو، پر جي صرف برا ڪم ڪيا هوندائين ته اهو پلصراط تان هيٺ ڪري وڃي دوزخ ۾ پوندو. شيخ مفيد رح لکي ٿو ته: ”صراط جي معنيٰ رستو آهي ۽ حضرت محمد صلي الله عليه وسلم ۽ حضرت علي عليه السلام جي ولايت جا اقراري انهيءَ رستي تان آرام سان لنگهي وڃي جنت ۾ عيش ڪندا.“ علي بن ابراهيم ۽ ابن بابويه کان روايت آهي ته: ”قيامت جي ڏينهن خدا جي نيڪ بندن ۽ فرشتن جو هيءُ فرياد هوندو (رب نفسي نفسي: پالڻهار منهنجي نفس ۽ جان کي نجات ڏي) ۽ پاڻ سڳورن صلعم جي آل سميت ”اُمتي اُمتي“ (پنهنجي اُمت جي نجات لاءِ دعا پيا گهرندا) جي صدا بلند هوندي. اسلامي عقيدي مطابق ڪافر ۽ مشرڪ ته پلصراط تي اچڻ سان ئي جهنم ۾ ڪرندا ويندا ۽ پلصراط تي سڀ کان ڏکي منزل تن جي ٿيندي، جن ايمان آڻي برائيءَ جو رستو اختيار ڪيو هوندو ۽ سڀ کان آسان منزل انهن جي ٿيندي، جن ايمان آڻڻ کان پوءِ دين اسلام ۽ رسول صلعم ۽ سندس آل جو رستو اختيار ڪيو.“
حضرت امام جعفر صادق عليه السلام کان ”معاني الاخبار“ ۾ روايت آهي ته: ”پاڻ فرمايائون ته پلصراط خدا جي معرفت جو رستو آهي. قيامت جي ڏينهن ٻه صراط (رستا) هوندا؛ هڪ صراط دنيا ۽ ٻيو صراط آخرت. صراط دنيا جو اهو سونهون دڳ آهي، جنهن تي هلڻ فرض ۽ واجب آهي، جنهن شخص ان کي دنيا ۾ سڃاڻي ان جي پيروي ڪئي، سو صراط آخرت يعني پل صراط تان لنگهي وڃي جنت ۾ داخل ٿيندو ۽ جنهن دنيا ۾ ان کي نه سڃاتو. تنهن جا صراط آخرت يعني پلصراط تي قدم ڏڪندا ۽ اهو وڃي جهنم ۾ ڪرندو.“ حديثن مان اهو واضح آهي ته پلصراط تان سڀ کان پهرين حضور صلعم آل سميت نور جي شڪل ۾ لنگهي پار ٿيندا. شيخ مفيد عليه الرحمه لکي ٿو ته: ”پاڻ سڳورن فرمايو ته جنهن ڏينهن قيامت ايندي انهي ڏينهن پلصراط کي جهنم تي نصب ڪيو ويندو. پلصراط تان گذرڻ وارو آزمائشي مرحلو پڻ دين جو هڪ رڪن آهي. ان تي به هر مسلمان کي ايمان آڻڻو آهي.


لفظ پلصراطھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو