رُڪوع

رُڪوع: رڪوع جو مطلب آهي نماز ۾ هڪ خاص انداز سان جھُڪڻ. عالمن رڪوع جي ڪيفيت هن طرح بيان ڪئي آهي ته قيام کانپوءِ تڪبير چئي ٻنهي هٿن جون آڱريون کليل ڇڏي گوڏن کي چڱيءَ ريت پڪڙي نِوڙجي. عورتن کي هٿن جي آڱرين کولڻ کانسواءِ رڳو گوڏن تي هٿ رکڻ جو حڪم آهي. ٻئي ٻانهون پاسن کان جدا رکن ۽ گوڏا سڌا رکن.
حضرت علي عليه السلام کان روايت ٿيل حديث مطابق رڪوع ۽ سجدن ۾ تسبيح کانسواءِ ٻيو ڪجهه پڙهڻ منع آهي. نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جو فرمان آهي ته: ”جڏهن توهان مان ڪو رڪوع ڪري ته رڪوع ۾ ٽي ڀيرا سبحان ربي العظيم پڙهي.“


هن صفحي کي شيئر ڪريو