پرهياڙ

پرهياڙ: پرهياڙ سنڌ جي سماٽ ذات آهي. بنيادي طرح هڪ آڳاٽو قبيلو آهي، جنهن جو سلسلو راجا دسرٿ سان ملي ٿو. دسرٿ جي پٽ ڀرت کي چار پٽ ٿيا، جن مان چوٿون نمبر پٽ پرهيار (پرهياڙ) ٿيو، راجا ڀرت کي ٻيا پٽ جانيپر، ڪوريجو ۽ ناهيون هئا. ان نسبت سان پرهياڙ راجپوت آهن.
پرهياڙ ذات، سنڌ جي سمن جي هڪ شاخ آهي ۽ سڄيءَ سنڌ ۾ پکڙيل آهي. هن ذات ۾ علم جو چاهه گهڻو هو، ۽ منجهانئن ڪيترا عالم ٿي گذريا آهن. تنهنڪري سنڌ ۾ کين ’قاضي‘ جو عهدو مليل هو پر وقت گذرڻ کان پوءِ پرهياڙ عالمن قضا جو ڪم ڇڏي ڏنو. پرهياڙ مسلمان سماٽ ۾ شمار ٿين ٿا، جڏهن ته مينگهواڙن ۽ گُجرن ۾ به پرهياڙ نُک موجود آهي.
هڪ روايت آهي ته پرهياڙ، پرمار، چوهاڻ ۽ سولنگي، گوجر/ گُجرن مان آهن، جيڪي سنڌ جا اصلي ’جت‘ هئا. ڪتاب ’شاهان گوجر‘ ۽ دائره معارف اسلام ۾ لکيل آهي ته سن 600ع ڌاري ڪشتري، اگني ۽ هُن راجپوتن جي خاندان مان پرمار، پري هار (پرهياڙچوهاڻ ۽ چالوڪيا چار ڀائر ٿيا. جن مان پرهياڙ، قنوج تي راجا هو، جنهن جو اولاد ’پرهياڙ‘ آهن.
ضلعي ۽ تعلقي حيدرآباد جي ديهه ڌماچاڻي ۾ پرهياڙن جو هڪ ڳوٺ گدڙ واهه نالي سان آباد آهي، جنهن ۾ 500 ماڻهن کان وڌيڪ آدمشماري آهي. تعلقي دولتپور ضلعي نواب شاهه (هاڻي بينظير آباد) ۾ به ڳوٺ ميوو پرهياڙ مشهور آهي، جتان جو اُستاد محمد صديق پرهياڙ نالي وارو استاد ۽ ڊراما نگار ٿي گذريو آهي.


لفظ پرهياڙھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو