شودر

شودر: روايتي هندو سماج چئن طبقن ۾ ورهايل آهي: برهمڻ، کتري، وئش ۽ شودر. شودر طبقي وارا هندن ۾ اڇوت ۽ گهٽ ذات وارا ليکيا ويندا آهن. شودر سنسڪرت زبان جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ ‘خدمتگار ذات يا خادم ذات’ آهي. سماج ۾ سندن اهڙي نيچ حيثيت خلاف ڪيئي تحريڪون هليون آهن. مهاتما گانڌيءَ کين هريجن يعني ‘ڀڳوان جا ماڻهو’ نالو ڏنو هو، پر گهڻي قدر اهي هاڻ دَلت سڏائين ٿا. سندن طبقاتي سماج ۾ گهٽ حيثيت خلاف ڪم ڪندڙن ۾ ڊاڪٽر ڀيم راءِ امبيڊڪر جو وڏو ڪردار آهي.


لفظ شودرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو