برهما

برهما

برهما

بِرهما: برهما جو شمار هندو ڌرم جي ٽمورتي، ٽن وڏن ديوتائن ۾ ٿيندو آهي. هندن جي عقيدي موجب ’برهما‘ کي خالق ۽ پيدا ڪندڙ چوندا آهن، جنهن مان سندن عقيدي موجب سڀئي انسان، ديوتا ۽ اَسر وغيره، پيدا ٿيا آهن. هن ديوتا جي شبيهه چئومکي هوندي آهي، يعني ان کي چئن ئي رخن ۾ هڪ هڪ چهرو ٿئي ٿو. هن کي عام طور سونهاري دار بزرگ جي صورت ۾ ڏيکاريو ويندو آهي. رنگ روپ جو اڇو آهي، جنهن مان لڳي ٿو ته هو قديم زماني ۾ اولهه کان آيل لوڪن جو ديوتا هو. هن کي ڪنول گل تي سوار ڏيکاريو ويندو آهي يا وري ڪنول گل هٿ ۾ هوندو اٿس. ان جي ڀيٽ ۾ شِو مهاديو ۽ ڪرشن مهراج رنگ جا سانورا يعني مقامي عقيدن جو تسلسل آهن. برهما جي زال سرسوتي آهي، جيڪا پڻ سُر سنگيت ۽ ڏات جي ديوي آهي. هندن جي عقيدي موجب برهما سدائين نه هوندو آهي، پر هو هڪ خاص عرصي کانپوءِ وري وري پيدا ٿيندو آهي. ڪائنات جي نئين تشڪيل ڪندو آهي ۽ ڪائنات جي تشڪيل جو ڪارڻ ختم ٿيڻ تي ڪائنات سان گڏ ختم ٿي ويندو آهي ۽ ٻيهر ڪائنات تخليق ڪندو آهي. هندن جي عقيدي موجب انسان چئن جاتين ۾ ورهايل آهن ۽ اهي سڀ برهما جي جسم مان پيدا ٿيا آهن. برهمڻ برهما جي منڍيءَ مان، کتري ٻانهن مان، وئش ٽنگن مان ۽ شودر برهما جي پيرن مان پئدا ٿيا آهن. برهما جي پوڄا لاءِ سڄي هندستان ۾ فقط هڪ مندر آهي، هندو ڏند ڪٿائن مطابق اهو هن کي مليل هڪ پاراتي سبب آهي، جيڪو شو مهاديو هن کي سزا طور ڏنو هو .


لفظ برهماھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو