صحرائي سهو

صحرائي سهو

جھنگلي سهو

جھنگلي سهو

هندستاني سهو

هندستاني سهو

راس سهو

راس سهو

عربي سهو

عربي سهو

لنڊو سهو

لنڊو سهو

افغان پائڪا سهو

افغان پائڪا سهو

سهو

سهو: سهو، پشم دار کل وارو، ٻلي جي قد جيترو، سهڻو ۽ اڇي رنگ جو مماليه جانور آهي. سهو، سنڌ ۽ پاڪستان جي مختلف صوبن ۾ ٿيندو آهي. سهي جي کل ايتري نرم ملائم ٿيندي آهي، جو ڪمزور ماڻهوءَ لاءِ اصطلاحن ’سهي جي کل‘ تشبيهه استعمال ڪئي ويندي آهي. پالتو سهن جي خوراڪ نباتاتي هوندي آهي، پر هنن ۾ خوراڪ ذخيرو ڪرڻ جي عادت نه هوندي آهي. خطري جي وقت سها لوڙهن ۽ چراگاهن ۾ لڪي ويندا آهن. سهن وٽ پنهنجي بچاءُ لاءِ ڊڪڻ کانسواءِ ڪا به شيءِ نه هوندي آهي. هيءُ کليل ميدان تي 80 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان ڊوڙي سگهن ٿا. سهن ۾ ٻه قوتون آهن: هڪ ٻُڌڻ جي قوت ۽ ٻي سُنگهڻ جي قوت جنهن ذريعي هو خطرن کان باخبر ٿي ويندا آهن. سهي جي مادي سال ۾ ڪئي دفعا ٻچن کي جنم ڏيندي آهي. حمل جو عرصو 28-47 ڏينهن تائين هوندو آهي. هي 2-8 کان 15 تائين ٻچا پيدا ڪندي آهي. ٻن سالن جي عرصي ۾ سهو جنسي طور بالغ ٿي ويندو آهي.
حڪيمن موجب سهي جو گوشت، فالج، لقوي، عضون جي استرخاءِ لاءِ مفيد آهي. هن جون ڦولهڙيون پاڻيءَ ۾ ڪاڙهي انهيءَ ۾ سنڌن جي سور، نقرس واري کي وهنجاريندا آهن ۽ انهيءَ پاڻيءَ جي ٻاڦ ڪن جي سور، وهڻ ۽ ٻوڙاڻ کي فائدو ڪري ٿي. سهي جو پِتو زيتون جي تيل سان ملائي کارائجي ته دم ڪشي ۽ کنگهه ۾ فائدو ڏيندو. هن جي کل مان ٽوپي ٺهرائي پائبي ته نزلي ۽ مٿي جي سُور لاءِ مفيد آهي.
صحرائي سهو Desert Hare/Lepus Nigricollis Dayanus: هي ننڍڙو خوبصورت ۽ پشمي جانور سڄي سنڌ پنجاب ۽ سنڌ جي جابلو علائقن ۾ عام آهي. هن جي اک وڏي گول ۽ ڪاري هوندي آهي. ٽنگون سنهيون، ڊگهيون، ڪن اُڀا ۽ ڊگها ٿين. هن جي پشم معمولي ڳاڙهسري وارياسي ڀوري ۽ پڇ ننڍڙو، ۽ ناسي رنگ جو هوندو آهي. هي سهو جڏهن ڊوڙندو آهي ته پڇ هيٺ هوندو اٿس، جنهنڪري ان جو هيٺيون اڇو رنگ نظر نه ايندو آهي. جوان صحرائي سهي جو قد سراسري طور 48 سينٽي ميٽر هوندو آهي. ان جو پڇ 7 يا 8 سينٽي ميٽر هوندو آهي. ان جو پويون ٽنگون 10.2 سينٽي ميٽر ٿين. هن جي جسم جو وزن عام طور 1.4 ڪلوگرام ٿئي ٿو.
سهو سڄي سنڌو ماٿريءَ ۾ گهٽ ڳتيل علائقن ۾ رهندو آهي. چولستان ۽ ٿر ۾ به جام آهي. هي ٽاهڙ ۽ ڊڄڻو جانور غيرآباد علائقا پسند ڪندو آهي، پر هن کي پالڻ کانپوءِ گهريلو جانور ٿي ويندو آهي ۽ هن مان ڊپ جو احساس ختم ٿي ويندو آهي. سهو گاهه خور جانور آهي، صبح جو سوير ۽ شام جو گاهه کائڻ لاءِ نڪرندو آهي. سهو گاهه ۽ سنهڙيون ٽاريون کائيندو آهي. خطري کان هر وقت هوشيار نظر ايندو آهي. هن ڪٽنب جي جانورن ۾ هاضمي جو خاص نظام ٿئي ٿو. هن سهي ۾ به هيٺيون اوجهه هوندو آهي، جنهن جي وسيلي سائي گاهه جي ريشن کي هضم ڪندو آهي. ان عمل کي ’اوڳر‘ چئبو آهي. صحرائي سها اڪثر لومڙين ۽ عقابن جو شڪار ٿيندا آهن.
جهنگلي سهو (Hare): جهنگلي سهو (Hare) عام طور ڌاريل سهن کان وڏو هوندو آهي. هن جي مٿين چپن جي شڪل انگريزي ليٽر Y جهڙي هوندي آهي. جهنگلي سهي جا ڪن ڊگها ۽ موڪرا هوندا آهن. جهنگلي سهي جون اڳيون ڄنگهون پوين ڄنگهن کان ڊگهيون هونديون آهن ۽ ڊوڙڻ لاءِ بهترين هونديون آهن. هن جي پيرن جي چنبن ۾ پنج پنج آڱريون هونديون آهن. جهنگلي سيهڙ فصلن کي تمام گهڻو نقصان پهچائيندو آهي. گرميءَ جي موسم ۾ پنهنجي جسم ۾ پاڻيءَ جي مقدار کي برقرار رکڻ لاءِ ٻوٽن جا گؤنچ کائيندا آهن.
سهي جا هيٺيان قسم ٿيندا آهن:
هندستاني سهو (Indian Hare or Black-Napped Hare): هندستاني سهي جا ڪن وڌيڪ موڪرا ۽ ڊگها هوندا آهن ۽ ن جي کَلَ تي ڪاري رنگ جون پٽيون هونديون آهن. هنن جي عام رنگ ڀورو هوندو آهي، پر ٽنگون وڌيڪ تيز ڀوريون هونديون آهن. هنن جي جسم جي کل زردي ۽ ملائي رنگ جهڙي هوندي آهي. هن جا چنبا مضبوط هوندا آهن. هن قسم جا جانور پاڪستان جي سمورن صوبن ۾ ملندا آهن.
راس سهو (Cape Hare): راس سيهڙ هندستاني سيهڙ جهڙا هوندا آهن ۽ کين ننڍا سليٽي وار هوندا آهن. هنن جي ڪنن جا ڪنارا ۽ پُڇ جي پُٺي ڪاري رنگ جي هوندي آهي. هنن جي جسم جو رنگ ڀوري ٿيڻ جي بجاءِ سليٽي هوندو آهي. هي پاڪستان جي ريگستاني علائقن ۾ ملندا آهن. گلگت، چترال ۾ آرٽيميسيا (Artemisia) جي جهنگ ۾ رهندا آهن. هي سهو 450 ميٽر جي بلندي تائين ملندو آهي. ان کانسواءِ پنجگور، قلات، چمن، وزيرستان ۽ ڪرم وادي وغيره ۾ به ملي ٿو.
عربي سهو (Arabian Hare): عربي سهو، بلوچستان ۾ راس سهي سان گڏ ملندو آهي. راس سهي سان ان جي ظاهري مشابهت ايتري وڌيڪ آهي، جو ان کي الڳ قسم جو قرار ڏيڻ ۾ ماهرن ۾ اختلاف آهن.
لنڊو سهو (Pikas): پائڪا جنس جو ننڍڙن ڪنن، چوٽين ۽ بيضوي شڪل جو لُنڊو سنهو پائڪا سهو مختلف نالن سان سڏيو ويندو آهي، جهڙوڪ: ٽاڪرو سهو (Rock Rabbit) ۽ ڪوئو سهو (Mouse Hare) آهن. هي قدبت جي حساب سان ٻلي جي ٻلونگڙي جيترا ٿيندا آهن. بالغ پائڪا جي جسم جي ڊيگهه 20 سينٽي ميٽر ۽ وزن 200 کان 300 گرام ٿيندو آهي. هن پائڪا جو پُڇ نظر به ايندو آهي ۽ ڪن ڪوئي وانگر ننڍا گول هوندا آهن. هن کي ڪتريندڙ ڏندن جا ٻه جوڙا ٿيندا آهن. هن جا وار گهاٽا ۽ ڊگها نرم هوندا آهن، جيڪي سال ۾ ٻه دفعا ڪرندا آهن. هن سهي جون ٽنگون ننڍيون هونديون آهن. ان جي چئني پيرن جي ترين ۾ وار گهٽ هوندا آهن. هن جي پيرن ۾ پنج پنج آڱريون هونديون آهن. لنڊو سهو خوش مزاج جانور آهي. هي ڏينهن جو ٽپندا، ڪڏندا آهن. اڪثر ننڍين ٽڪرين تي ڪڏندي نظر ايندا آهن. هي جڙي ٻوٽين، وڏن وڻن جي پنن، گُلن ۽ گاهه کي سُڪائي ٽڪري يا زمين اندر ٺهيل ٻِرَ ۾ ذخيرو ڪري رکندو آهي، جڏهن سياري ۾ ڪا ٻي خوراڪ نه ملندي اٿس ته ان تي گذارو ڪندو آهي. هي سهو سيءَ وارن علائقن ۾ رهي ٿو، تڏهن به هي Hibernation يعني سياري جو آرام نه ڪندو آهي. هن جي نسلي واڌ اونهاري ۽ بهار جي موسم ۾ ٿيندي آهي. ماديءَ جي حمل جو عرصو 30 ڏينهن هوندو آهي. مادي هڪ وقت ۾ 4 کان 10 ٻچا ڏيندي آهي. ٻچا پيدائش وقت وارن بنا هوندا آهن ۽ سندن وزن 9 گرامن جي لڳ ڀڳ هوندو آهي. فلڪ (1986ع) مطابق پائڪا جي خاندان (Ochotonidae) ۾ صرف هڪ جنس اوڪوٽونا (Ochotona) آهي، جنهن جا دنيا ۾ 14 قسم آهن.
پاڪستان ۾ هن جا ٽي قسم ملن ٿا، جن مان ٻه عام آهن:
افغان پائڪا/ گول نشانن واري پائڪا (Afghan Pika or Collared Pika or Reddish Pika): افغان پائڪا ۾ اڳين پيرن ۾ 5 آڱريون هونديون آهن ۽ پوين پيرن ۾ 4 آڱريون هونديون آهن. هن جا چنبا تيز ۽ چهنباريا هوندا آهن، جن جو رنگ ڪارو هوندو آهي. هن جا وار ڳاڙها سليٽي، نرم ملائم هوندا آهن. ڪنڌ کان اڳيان ريتيءَ جهڙن ڀورن وارن جو دائرو هوندو آهي، جنهنڪري اُن جو هي نالو پيو آهي. گول نشانن/ دائرن واري پائڪا جي سر ۽ ڌڙ جي گڏيل ڊيگهه تقريباً 196 سينٽي ميٽر هوندي آهي. افغان پائڪا جي ملڻ بابت رابراٽس (1977ع)، وي پي، سي، سي (1981ع) ۽ نيچرا (1988ع) ۾ لکيو ته هي ڏکڻ پاڪستان جي جبلن ۾ 3000-12000 فوٽ بلنديءَ تي ملندا آهن. هي صنوبر ڪوهي (جونيپر) جي جهنگن ۽ فصلن جي ڪنارن تي ملندا آهن. چلتن ۽ بولان جي غيرآباد جبلن تي به ملندا آهن. قلات ۾ گهٽ ملندا آهن. وادي ڪرم، وزيرستان ۾ به ملندا آهن.
هي سهو گهر جهنگلي وڻن جي پاڙن ۾ ٺاهيندو آهي. ان کانسواءِ ٻنين جي ڪناري، ٽڪرين جي ڏارن ۽ پٿرن ۾ گهر ٺاهيندو آهي. زير زمين گهر 2 فٽ جي لڳ ڀڳ اونهو ٺاهيندو آهي. هي گرمين جي موسم ۾ صبح شام ٽپندا، ڪڏيندا آهن، پر جهڙالي موسم ۽ سياري جي موسم ۾ اُس جو سيڪو وٺندا آهن، پر گهڻي گرمي برداشت نه ڪندا آهن. پائڪا جا ٻيا قسم تيز آواز واري سيٽي ڪڍندا آهن، پر افغان پائڪا جو آواز ڪمزور هوندو آهي.


لفظ سهوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو