سنامکي

سنامکي

سنامکي

سنامکي

سنامکي

سنامکي (Senna): هڪ مشهور طبي جڙي ٻوٽي، جنهن جا پن سائي رنگ جا ليار جي پنن وانگر ٿيندا آهن. هن جي ڦري چپتري ٿئي ٿي. بهترين سنا اها سمجهي وڃي ٿي جيڪا حجاز کان اچي ٿي ۽ ’سنامڪي‘ جي نالي سان مشهور آهي. هن جو اصل وطن مصر آهي. هندستان ۾ سنامکي گهڻو آڳاٽو آندي وئي ۽ مدراس ۾ ان جي پوک عربن شروع ڪئي. هن جو رنگ زردي مائل سائو، گل نيرا، ذائقو تلخ ۽ مزاج گرم خشڪ ٿئي ٿو. هي معدي کي طاقت ڏئي ٿي. مرگهي، مٿي جي سور، ماليخوليا، چيلهه جي سور، پاسي جي سور، سنڌن جي سور، عرق النساءِ ۽ قولنج جي مرض لاءِ مفيد آهي. هن جون ڏانڊيون ۽ پن صاف ڪري اُٻاري استعمال ڪرڻ سان پيٽ جي مروڙ نه ٿيندي. سنامکي ساليانو ٻوٽو آهي، جيڪو 2 کان 3 فوٽ اوچو ٿئي ٿو. هن ۾ پن گهڻا ۽ گل ڇڳن جي صورت ۾ ٿين ٿا. هي ٻوٽو مٿان سڌو، پکڙندڙ ۽ گل پاسن يا چوٽي ۾ جهلي ٿو. ٻج چنڊ جي سُڪل جا ٿين ٿا، جنهن جي ڪناري هلڪي مڙيل ۽ رنگ خاڪي ٿئي ٿو.
هيءُ ٻوٽو هندستان جي رياستن جهڙوڪ تامل ناڊو، مهاراشترا، گجرات ۽ راجستان ۾ تجارتي بنيادن تي پوکي وڃي ٿي. هن فصل جي پنن ۽ ٿڙين جي پيـداوار جو تخمينو 7500 ٽن لڳايو ويو آهي، جنهن ۾ هندستان بين الاقوامي منڊيءَ ۾ هر سال 82 ڪروڙ رپيا ڪمائي ٿو. هندستان ۾ اسپنگر ۽ ڏوڏيءَ کانپوءِ ٽئين نمبر تي خام دوا (Crude Drug) طور واپار ۾ شامل آهي. يورپي ملڪن ۾ سنا جڙي ٻوٽي واري چانهه (Herbal Tea) طور ڪم اچي ٿي. هن جا پن ۽ ڦريون ڪاڙهي کٽمٺرن ۽ دوائن لاءِ استعمال ٿين ٿا.
پاڪستان ۾ سنا جي پوک سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب جي خشڪ علائقن جهڙڪ: ٿرپارڪر، ڄامشوري، ٿاڻي بولاخان، بهاولپور، ميانوالي ۾ ٿيندي آهي. جابلو علائقن ۾ هيءَ قدرتي جڙي ٻوٽيءَ وانگر پيدا ٿيندي آهي. سنا ۾ گرمي ۽ سوڪهڙي برداشت ڪرڻ جي وڏي سگهه آهي. سنا جي فصل لاءِ وارياسي ۽ لٽ واري زمين پوکيءَ لاءِ بهتر آهي. سنا جي پوک ٻج ذريعي ٿيندي آهي، جنهن لاءِ 6 کان 9 ڪلوگرام ٻج في ايڪڙ استعمال ڪيو ويندو آهي.
سنا مکي جي پهرين ڪٽائي يا لابارو، پوکيءَ جي ٻن مهينن اندر ڪيو ويندو آهي.
سنا جو فصل 150 کان 180 ڏينهن جو عرصو بيهندو آهي. هن فصل جا 2 کان 3 لابارا ڪري سگهبا آهن. لاباري بعد سنا مکيءَ جا پن ۽ ڦريون هوادار ۽ ڇانوري واري جڳهه تي سُڪائبا آهن، پن سُڪڻ کانپوءِ ان کي ڪپهه يا ڪپڙي جي ٻورين ۾ بند ڪري ٿڌي ۽ خشڪ جڳهه تي رکبو آهي.
سنامکيءَ جي پيداوار 5 کان 10 مڻ في ايڪڙ سُڪل پن ٿئي ٿي، جڏهن ته ڪن هنڌن تي 20 کان 30 مڻ في ايڪڙ سڪل پنن جي پيداوار به لهندي آهي.


لفظ سنامکيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو