خانپور1

خانپور: هيءُ ضلعي شڪارپور جو شهر ۽ هڪ تعلقو آهي. هي تاريخي شهر، شڪارپور شهر کان اوڀر طرف انڊس هاءِ. وي تي واقع آهي. هي شهر شڪارپور کان به اڳ قائم ٿيل معلوم ٿئي ٿو. هن شهر جي آبادي هڪ لک جي لڳ ڀڳ ٿيندي. آڳاٽي زماني ۾ خانپور شهر جي چوڌاري ڪچو ڪوٽ (قلعو) هوندو هو، جو اڳتي هلي زماني جي گردش سبب ڊهي ويو. ان زماني ۾ هن شهر جي چؤڌاري تقريباً پنج سؤ کوهه هئا، جن جي پاڻيءَ تي ٻنين ۾ ڀاڄيون ٿينديون هيون. اڄ به هتان جي بصر جي جنس ۽ پٽاٽن جي جنس مشهور آهي ۽ هتان جو تماڪ به مشهور آهي ۽ ٻيون ڪيتريون ڀاڄيون ٿين ٿيون.
خانپور شهر ۾ سرڪاري اسپتال سان گڏوگڏ هاير سيڪنڊري اسڪول، گرلس هاءِ اسڪول، پرائمري اسڪول ۽ مدرسا به آهن. هتي رهندڙ ذاتين ۾ سيٺار، سيد، سومرا، چاچڙ، ٻرڙا، ابڙا، لاڙڪ، ميمڻ، پاٽولي، هڪڙا، آرائين، چوڌري، مغل، مڱڻهار، بروهي، ڪيهري ۽ ٻيا قبيلا ۽ ذاتيون اچي وڃن ٿيون. هن نالي سان دادو ضلعي جي خيرپورناٿن شاهه تعلقي ۾ به مشهور ڳوٺ آباد آهي، جنهن ۾ مشهور سياستدان امير بخش جوڻيجو رهندو هو. خانپور شهر ۾ ڪلهوڙن جي دور جي مسجد ۽ ان ڀر ۾ برهان جا قبا واقع آهن.



هن صفحي کي شيئر ڪريو