تعلقو

تَعلقو: حڪومتي نظام لاءِ، ضلعي کي سب ڊويزنن ۽ تعلقن ۾ تقسيم ڪيو ويندو آهي. تعلقو وري تپن ۽ ديهن ۾ ورهايل هوندو آهي ته جيئن ڍل جي وصوليءَ کان سواءِ ٻيو به انتظام هلائي سگهجي. تعلقي جي مٿان مختيارڪار، اتنظامي آفيسر هوندو آهي. جڏهن ته مڪاني حڪومتن جي قيام بعد انتظامي ذميواريون تعلقي ناظمن کي ڏنيون ويون. تازو فيبروريءَ 2010ع ۾ بلدياتي نظام ۾ ترميم لاءِ چونڊيل باڊيون ٽوڙي ضلعن ۾ ڊي. سي. او ۽ تعلقن ۾ ٽي. ايم. اوز کي ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيو ويو آهي. (وڌيڪ ڏسو: مڪاني حڪومت) .


لفظ تعلقوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو