رضوي ماڪن شاهه

رضوي ماڪن شاهه

رضوي ماڪن شاهه

رضوي، ماڪن شاهه: مشهور ڪهاڻيڪار، ڊرامانويس ۽ ڪمپيئر سيد ماڪن شاهه ولد سيد جيئرو شاهه رضوي، 11 نومبر 1960ع تي جهڏي، ضلعي ميرپورخاص ۾ پيدا ٿيو. ميرپورخاص مان بي. اي پاس ڪرڻ بعد پنهنجي اباڻي ڪرت زمينداريءَ سان لڳي ويو. شعر و سخن کيس ورثي ۾ مليل آهي. سندس خاندان ۾ شاهه عنايت رضوي نصرپور وارو، مصري شاهه رضوي، شاهه شريف، قطب شاهه، بلاول شاهه، سيد عباس علي شاهه ۽ لال حسين شاهه ’سوز‘ جهڙا اعليٰ پائي جا شاعر ٿي گذريا آهن. کيس ننڍپڻ کان ئي ادب سان لڳاءُ هو. استاد مجذوب لاشاريءَ جي صحبت ۾ اچي ادبي کيتر ۾ پير پاتائين. هن باقاعدي لکڻ جي شروعات ڪئي. سندس پهرين ڪهاڻي ’عزت جو سوال‘ ملير ڊائجسٽ ۾ ڇپي، جنهن بعد مختلف اخبارن، رسالن ۾ سندس مضمون، ڪهاڻيون شايع ٿينديون رهن ٿيون. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي کيس نصير مرزا متعارف ڪرايو، جنهن کان پوءِ هو ڪيترن ئي پروگرامن ۽ سلسلن ۾ پنهنجي آواز جو جادو جاڳائيندو رهيو آهي.
سيد ماڪن شاهه، شاهه ڀٽائيءَ جي ستن سورمين وانگر ست سورما پڻ متعارف ڪرايا آهن. انهيءَ سان گڏ شاهه جا پورهيت، شاهه جا پکي جهڙن عنوانن تي مضمون لکي فيچر جي صورت ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان نشر ڪيا اٿس. سنڌ جا اهي ڳوٺ ۽ شهر جيڪي عورتن جي نالن سان آباد ٿيا، تن کي تاريخ جي روشنيءَ ۾ قلمبند ڪري ريڊيو تان نشر ڪرايائين. هن جا سنڌي ۽ اردو ڊراما پي. ٽي. وي سميت مختلف چئنلن تان نشر ٿي چڪا آهن، انهن ۾ آس، ڪجل ڀنا نيڻ، نصيب، پس آئينه عورت ڪا هي، بکري لوگ، گوندر وڏا گهاءُ، آسرو، لهر لهر زندگي قابل ذڪر آهن.
سـنـدس ڪـهـاڻـيـــن جــا ٻـه ڪـتـاب: (1) زهــر جـهـڙي زندگي، ۽ (2) اجهاميو ٻرن شايع ٿي چڪا آهن. سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ 2008ع ۾ سندس ڪتاب ’اجهاميو ٻرن‘ (2008ع) کي بهترين ڪهاڻي ڪتاب اوارڊ ۽ 50000 هزار روڪ (اٿارٽي ۽ ثقافت کاتي جو گڏيل) انعام ڏنو هو. سندس ٻه شاديون آهن، ٻي شادي هن ڪهاڻيڪار امر خورشيد سان ڪئي. کيس چئن پٽن ۽ ٽن نياڻين جو اولاد آهي. هن وقت حيدرآباد ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1960.11.11  عيسوي

مشهور ڪهاڻيڪار، ڊرامانويس ۽ ڪمپيئر سيد ماڪن شاهه ولد سيد جيئرو شاهه رضوي، 11 نومبر 1960ع تي جهڏي، ضلعي ميرپورخاص ۾ پيدا ٿيو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبدالمالڪ ميمڻ انجنيئر
حسن عابدي
امر لعل هنڱوراڻي
صابري عبدالغفار مولانا
رضوي وقار احمد ڊاڪٽر
بيدل مسرور
عبدالجبار عاجز منگي
سندري پرچاڻي سوني ڊاڪٽر
ايڇ جي ويلز
لڇمڻ خوبچنداڻي
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون